اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڏو حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو. مونکي به ڪلاشنڪوف جو لائسنس وٺڻ جي آڇ ٿيندي رهي آهي، منشيات ۽ ڪلاشنڪوف پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ گهرو سيڪريٽري، سمورن صوبائي گهرو سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي سڄي ملڪ ۾ پابندي پيل هٿيارن جي لائسنس بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ هٿيار چوري واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته جنهن جي گهر مان هٿيار چوري ٿيا، ان وٽ لائسنس به ناهي، مالڪ پاڻ اعتراف ڪري رهيو آهي ته ٻه ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پسٽل سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت دنيا ۾ ڪو به ماڻهو ڪارا شيشا لڳائي، وڏين وڏين گاڏين ۾ ڪلاشنڪوف کڻي ڪٿي ناهي گهمندو. چيف جسٽس درخواستگذار کي مخاطب ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ ڪلاشنڪوفو ڪٿان آئي؟ آءِ جي اهڙن ڪلاشنڪوف جا ڪاغذ ڏئي رهيو آهي ته پوءِ انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي؟ اسان گهرو سيڪريٽري کي لکون ٿا ته سمورين ڪلاشنڪوف ۾ ان جا لاسنس واپس ڪريو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسڪول ۽ بازار وڃجي ته ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪڏهن ڊڄو ته پنهنجي گهرن ۾ رهو. ٻاهر ان ڪري نڪرن ٿا ته ماڻهن کي ڊيڄاري سگهن ۽ پنهنجو اثر رسوخ ڏيکاري سگهن. چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ گهرن ٻاهران گارڊ ڪلاشنڪوف سان گڏ بيٺل آهن، ماڻهو ڪارن شيشين وارين گاڏين ۾ ڪلاشنڪوف کڻ ويندا آهن، پوليس ۾ انهن کان پڇڻ جي همٿ ناهي هوندي، ڪيئن خبر پوندي ته ڪلاشنڪوف وارا دهشتگرد هئا يا ڪي ٻيا. چيف جسٽس چوري ٿيل هٿيارن جي لائسنس متعلق نه پڇڻ تي خيبرپختونخواهه پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بغير لائسنس جي هٿيار رکڻ ڏوھه آهي. پپوليس انڪوائري ۾ مالڪ کان به پڇاڻو نه ڪيو، عدالت جوابدار ڪاشف جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي اٽارني، صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي حڪمنامي جي ڪاپي موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.