ملڪ قرضن، پارٽيون چندن ۽ عوام خيراتن تي ڪيستائين؟

0
97
ملڪ قرضن، پارٽيون چندن ۽ عوام خيراتن تي ڪيستائين؟

اڃان به نٿا مڃون ته ملڪ جو ڏيوالو نه نڪرندو؟ اڃان به ان سوچ مان نٿا نڪرون ته پارٽيون ۽ انهن جا سربراهه ڪي صادق ۽ امين آهن! ۽ اڃان به هن حقيقت کا انڪار ٿا ڪيون ته عوام ڪو خيراتن ۽ لنگر خانن تي پلجي رهيو آهي. اسان هن ڪڙي حقيقت کان به انڪار ٿا ڪيون ته هن ملڪ جو قانون ۽ نظام صرف اڪثريتي آبادي جي مفاد جو تحفظ ڪري ٿو چاهي ڀلي آئين ۾ هر قسم جي آبادي کي سندن  سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي حقن جي ضمانت ڏنل آهي. سو کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي ته هي ملڪ قائداعظم جي خواب ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي دليلِ اثاثي (ريشنل) واري سياست ۽ خوابِ ادراڪ (ويئن) واري خيال جي شڪل وٺندو ۽ واقعي دنيا جي باوقار ملڪن ۾ هن جو شمار ٿيندو. جيڪو ملڪ پنهنجي پيدائش واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادراڪن جي بدلي دعائن، ڦيڻن ۽ قرضن جي سهاري هلندو رهي، پارٽيون صرف اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هجن ۽ پنهنجي مخالف پارٽي کي ملڪ دشمن، غدار، بي ايمان ۽ چور ثابت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجين توانائين ۽ ڏوڪڙ پيسي کي پاڻي وانگي خرچ ڪن يا هنن کي ڪنهن جي آشيرواد تي ٻين کي چور ثابت ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيو وڃي ۽ هنن کي غيرملڪي چندن جي ذريعي زندگي بخشي وڃي ته پوءِ اهو عوام ته واقعي وائڙو ۽ پرمتڙيو آهي جنهن کي غريب ۽ لاچار سمجهي خيراتن، لنگر خانن، سپورٽ ۽ احساس پروگرامن تي هيرائڻ جي ڪڌي عادت جو شڪار ڪيو وڃي. اهو ملڪ، اهي پارٽيون ۽ اهو عوام ڪڏهن به معاشي طور پاڻڀرو ڪونه ٿيندو، اهي پارٽيون ڪڏهن به خوددار ڪونه ٿينديون ۽ عوام ڪڏهن به خوشحال ٿي پنهنجي پيرن تي ڪونه بيهندو.

جيڪڏهن ملڪ جي ڳالهه ٿا ته ڪيون ته ان لاءِ ورتل قرض تي چڙهندڙ وياج هڪ اهڙي وبائي بيماري جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي جنهن جو علاج آئي ڏينهن پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڪيو پيو وڃي. پارٽيون جيڪي پنهنجي وجود واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ٻين کي چور ثابت ڪرڻ لاءِ آهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هاڻوڪي فيصلي جي روشني ۾ اهڙين پارٽين جا پول ۽ اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويا آهن. ٻيو ته هاڻي عوام هن فيصلي اچڻ بعد پنهنجي محبوب اڳواڻن کان سوال ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ڪري سگهي ٿو جن هن کي خيراتن، لنگر خانن ۽ سپورٽ يا احساس پروگرام جي هير وجهي هن جي عزت نفس جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ خودداري کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. عوام جا عوامي اڳواڻ جيڪڏهن ايڏائي ڀلا ۽ سچا هجن ها ته پاڪستان پنهنجي زندگي جو ڳچ حصو بغير آئين ۽ مارشل لائن جي سهاري نه گذاري ها. جيڪڏهن هي مناسب ۽ حق واري سياست ڪن ها ته بنگال بنگلاديش نه بڻجي ها. انصاف پسند هجن ها ته پنجاب سنڌ جو پاڻي ڪڏهن به نه روڪي ها ۽ نه ئي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي معاملي تي ڪي غلط فهميون پيدا ٿين ها. هيلوڪين برساتن جو سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي جو ۽ بلوچستان جو عوام اداراجاتي سربراهن جي ڪوتاهين، ڪامورڪي آسرن ۽ سياسي ڏٽن جو شڪار نه ٿئي ها پر پاڻي ماڻهن مٿان گذري ويو، ماڻهو دربدر ٿيڻ سان گڏ اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ ته پريشان ٿيا ئي ٿيا پر سندن ڀرجهلائي جي لاءِ سنڌ، بلوچستان ۽ وفاقي سرڪار جي مشينري جهازن تي چڙهي هوائي منظرن جو مزو وٺي رهي آهي.

ملڪ جي معاشي حالت ڪو شڪ ناهي ته بد کان بدترين بڻجي چڪي آهي ۽ مهانگائي عوام جي زندگين کي اجيرن بڻائڻ سان گڏ هن کي پريشانين ۽ مايوسين ڏانهن ڌڪي رهي آهي. تازين برساتن ڪاڇي ۽ بلوچستان ۾ جيڪا ڳڻتي جوڳي جيڪا صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي ان جو سبب برساتون نه پر اسان جي ڪامورن جو اهي نااهليون ۽ ناعاقبت انديشيون آهن جيڪي هر روز اسان کي سندن جي عملن ۾ نظر اچن ٿيون. ملڪ جي تاريخ سانحن سان ڀري پئي آهي پر مجال آهي جو انهن سانحن جي روشني ۾ هنن پاران امڪاني سانحن جي پيشِ نظر ڪا پاليسي يا ڪو اڳ وقتي منصوبو (روڊميپ) تيار ڪيو ويو هجي. اسان جي سياست سياستدانن جي انهن نيتن کي به وائکو ڪندي رهي ٿي جيڪا سندن جي من ۾ آهي يعني 75 سالن بعد به اسان جي ملڪ جو آئين جيڪڏهن ملڪي آئيني معاملن ۾ به چٽو نه آهي ته ان جو مطلب هي آهي ته اسان جي سياستدانن جون نيتون ٺيڪ نه آهن. سندن جون اهي نيتون مها آئيني ڪوتاهين جي صورت ۾ عدالتي فيصلن  جي شڪل ۾ اسان ۽ توهان جي سامهون عيان ٿينديون رهن ٿيون. تازو مثال پنجاب جا آئيني معاملا آهن.

هاڻي پاڻ ئي ڏسو ۽ پرک ڪريو ته پاڻ کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي قومي پارٽي طور مشهور ڪندڙ پارٽي جو سربراهه پنهنجي زبان مبارڪ سان هن قسم جا جملا اچاري ته ان جو ڇا مطلب آهي؟ جيئن: “هڪ سنڌي سياستدان جي گهر مان ڪيترو سون مليو آهي.” هن جملي ۾ لفظ “سنڌي” تي زور ڏيڻ جو صاف صاف مطلب هي آهي ته سنڌي چور ۽ لالچي آهن. يعني توهان ڪنهن انفرادي ماڻهو کي نه پر هڪ قوم کي هدف بڻائي رهيا آهيو. ملڪ ۾ ٻيون به  اهڙيون کوڙ پارٽيون آهن جيڪي به قومي پارٽي هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون جيتوڻيڪ سندن ڪردار هنن کي پنهنجي پنهنجي علائقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي يا هنن کي محدود ڪيو ويو آهي ڇا به هجي بهرحال اهي سڪڙجي ويون آهن ۽ جيڪڏهن گهرائي سان مشاهدو ڪيو وڃي ته پنهنجي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيون آهن نه ته هنن کي ڪهڙي ضروت آهي ڪنهن جي آڱر پڪڙڻ جي باوجود هڪ جو نعرو “ووٽ کي عزت ڏيو”  ۽ ٻيءَ جو نعرو “جمهوريت بهترين انتقام آهي” جيڪو هاڻي “مفاهمت بهترين انتقام آهي” جو روپ ڌاري چڪو آهي.

هتي هي به وڏي حقيقت آهي ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي سچائي تي اچن ته ملڪ جي هر مسئلي جو حل به جيڪڏهن آهي ته هنن وٽ ئي آهي. ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ، عوام جي زندگين ۾ خوشحالي آڻڻ سان گڏ ملڪ جي آئين ۾ به جيڪڏهن ڪي جهول، ڪجهه خرابيون ۽ چند خاميون آهن ته انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ به سياست ئي اهو واحد ۽ معتبر ادارو آهي باقي عدالتن ۽ نيوٽرل جو سهارو وٺي پاڻ کي جڳ ۾ خوار ڪرڻ مان نه ڪالهه ڪجهه وريو آهي نه آئيندا ڪجهه لاڀ حاصل ٿيندو سواءِ هڪ وقتي ٺٺ ٺانگر، ذهني تسڪين ۽ طبعي فائدي جي. پنجاب جا آئيني معاملا ايڏا وڏا ڪونه هئا پر صرف هڪٻئي کي نيچو ڏيکارڻ جي لاءِ آئين جي هڪ معتبر شق (63 A) کي عدالت جي ذريعي مذاق بڻايو ويو جنهن ۾ صاف صاف لکيل آهي ته حتمي راءِ پارٽي سربراهه جي ئي هجي ٿي. مصيبت هي آهي ته سياستدانن جي وچ ۾ ايتريون ته بداعتماديون اچي چڪيون آهن جو هنن کي ڪنهن جي هاڪاري صلاح به ناڪاري لڳي ٿي. هڪٻئي کي برو يا گهٽ چوڻ يا سرعام جلسن ۾ بڇڙو ڪرڻ واريون چالون توهان کي چونڊون ته کٽائي سگهن ٿيون پر ساڳي وقت اهي ملڪ ۾ انتشار واري ماحول جي لاءِ نرسري وارو ڪم به ڪن ٿيون هاڻي هڪ ٻار جي معصوم ذهن ۾ جڏهن نفرت گهر ڪندي ته اهو ٻار وڏو ٿي توهان کي ڇا ڏيندو جنهن کي توهان جي انتشار واري سياست سندس  فطرتي صلاحيت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو هاڻي ڪنهن به ڪم جو ناهي رهيو سواءِ نعرا، هنبوڇيون هڻڻ ۽ ٻئي کان نفرت ڪرڻ جي هن کي ٻيو اچي به ڇاٿو.

هاڻي جڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آئي جي خلاف غيرملڪي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کي عوام جي آڏو آڻي ڇڏيو آهي ۽ جتي ان پارٽي جا ڏوهه ثواب بحثن جو موضوع بڻجي ويا آهن اتي هي اميد ٿي ڪجي ته ملڪ ۾ موجود ٻين پارٽين جي فنڊنگ جي ذريعن جي به ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي، جاچ پڙتال ڪئي ويندي ۽ بغير ڪنهن خوف يا دٻاءُ جي سچائين کي عوام جي آڏو آندو ويندو. اهڙي طرح ملڪ کي ممڪن آ ته ڪا سچي پارٽي ۽ بي لوث قيادت ملي وڃي ۽ ملڪ جي قرضن، پارٽين جي غيرملڪي فنڊن ۽ عوام جي خيراتن مان جند آجي ٿي وڃي.