ملڪ “سياسي مهاڀاريءَ” جو متحمل نٿو ٿي سگهي

0
60
“خاص مددگارن” ۽ ترجمانن جي مقرري: حڪومتي ڪارڪردگي سُڌري سگهندي؟

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ نيٺ سياسي مفاهمت جي واٽ نڪرڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن ۽ اڄ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وٽ ٻنهي ڌُرين جي ڳالهه ٻول وارين ڪميٽين جي پهرين گڏجاڻي ٿي رهي آهي. ان کان اڳ وزير اعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ نواز ليگ سميت پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم جا نمائنده شامل آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان پڻ ڳالهين لاءِ ڪاميٽيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي ڌُريون اڄ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي چيمبر ۾ گڏجاڻي ڪنديون. ان دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي اُنهن ڪوششن کي ساراهيو پيو وڃي، جنهن پنهنجي پارٽيءَ کي سول نافرمانيءَ واري تحريڪ موخر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ٻنهي ڌُرين کي گڏ ويهڻ جو موقعو ميسر ڪيو ويو آهي ۽ ان موقعي کي لاڀائتو ڪرڻ ۽ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري ملڪي مفاد خاطر سرچاءَ کي اهميت ڏيڻ گهرجي.

ملڪ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي. سياسي جماعتن جي وچ ۾ اختلاف نه رڳو عوام کي ورهائي رهيا آهن، پر معيشت ۽ انتظامي معاملن تي به ناڪاري اثر وجهي رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ حڪومتي اتحاد جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ملڪ جي سياسي ماحول کي غير يقيني صورتحال جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. ھاڻوڪن ڏينهن ۾ ٻنهي ڌرين پاران مصالحت جي ڪوششن بابت جيڪي خبرون سامهون آيون آهن، اهي اميد جو ڪرڻو آهن. سياست ۾ اختلاف راءِ هڪ عام ڳالهه آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته معاملا ٽڪراءَ ڏانهن وڌن. جمهوري معاشرن ۾ مسئلا ڳالهين ۽ ڊائلاگ ذريعي حل ڪيا ويندا آهن. ملڪ جي موجوده حالتن جي تقاضا آهي ته سڀئي سياسي قوتون پنهنجا ذاتي ۽ جماعتي مفاد پٺتي رکي ملڪ جي مفادن کي سڀ کان پهرين ترجيح ڏين، ڇو ته حالتون ڏينھون ڏينھن خراب ٿينديون پيون وڃن. پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، پر تازن سالن ۾ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن پوري ملڪ کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هي علائقو، جيڪو اڳ ئي افغان جنگين ۽ قبائلي تڪرارن جو شڪار رهيو آهي، هاڻي دهشتگردي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. افغانستان سان لڳندڙ سرحد ۽ غير منظم قبائلي علائقا دهشتگرد گروپن لاءِ هڪ قدرتي پناهه بڻجي چڪا آهن. افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي قيام کان پوءِ، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر پيدا ٿي آهي. سرحد پار کان ٿيندڙ حملا ۽ اتي کان دهشتگرد گروپن کي ملندڙ مدد هڪ وڏو مسئلو آهي. اھڙي ملڪي صورتحال ۾ سياسي ڇڪتاڻ سان وڌيڪ نقصان ٿيندو. پي ٽي آءِ کي به اڄ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ٿيندڙ ڳالھين ۾ سنجيدگي جو مظاھرو ڪرڻو پوندو ۽ پرڏيھ مان ناڻو ملڪ ۾ نه موڪلڻ واري اپيل واپس وٺڻي پوندي.

اسان سمجھون ٿا ته، ھن وقت ملڪي سطح تي اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ آهي. پي ٽي آءِ ۽ حڪومت کي هڪ ميز تي ويهي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ سماجي چئلينجز سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪري سگهجي. عوام چاھي ٿو ته سياستدان سنجيدگي جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙا فيصلا ڪن، جيڪي ملڪ کي استحڪام ڏانهن وٺي وڃن. اهو وقت الزام لڳائڻ ۽ نفرت واري بيانئي کي هوا ڏيڻ جو ناهي، پر بردباري، تحمل ۽ دانشمندي سان اڳتي وڌڻ جو آهي. ڊائلاگ ئي اهو واحد رستو آهي، جيڪو ملڪ کي انتشار کان بچائي سگهي ٿو ۽ هڪ بهتر مستقبل جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو. حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته سياست جو اصل مقصد عوام جي خدمت آهي، نه ڪي اقتدار جي جنگ. ملڪ جو عوام هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ پرامن پاڪستان ڏسڻ ٿو چاهي ۽ اهو مقصد صرف تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن سڀ سياسي اڳواڻ گڏجي ڪم ڪندا ۽ مسئلن کي گڏيل مفاھمت سان حل ڪيو ويندو. اسان کي اُميد آهي ته، ملڪي مفاد ۾ سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو ۽ معاملي کي ڳالهين جي ميز تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.