دبئي (م ڊ) بزنس ٽائيڪون ملڪ رياض پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب بزنس ٽائيڪو ملڪ رياض دبئي ۾ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي پٽن جي گھر نواز شريف سان ملاقات ڪئي . ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملڪ رياض نواز شريف جي ڏيهه واپسي بابت نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.