حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت چيڪ بائونس ٿيڻ تي بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، سندس پٽ ملڪ علي رياض ۽ بحريا ٽائون جي ڪنٽري هيڊ شاهد قريشي خلاف جعلسازي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. قاسم آباد جي رهواسي فراز حسين ولد غلام حسين عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته هن بحريا ٽائون ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ بڪ ڪرائي پر پوءِ جڏهن هن بحريا ٽائون انتظاميا کي 2022ع ۾ پئسا ري فنڊ ڪرڻ لاءِ چيو ته بحريا ٽائون جي انتظاميا پاران 2-2 لک رپين جا 6 چيڪ ڪل 12 لک رپين جا يو بي ايل بحريا ٽائون سپر هاءِ وي ڪراچي جا ڏنا پر اهي چيڪ جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ پاس نه ٿي سگهيا ان ڪري جعلسازي جو ڪيس داخل ڪري ڦاٿل رقم واپس ڏياري وڃي. عدالت وڪيل آصف خاصخيلي جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ملڪ رياض، سندس پٽ ۽ عملدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.