اسلام آباد (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) چيو آهي ته پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ ٻين ماڻهن خلاف دوکي ۽ فراڊ جي ڪيترن ئي ڪيسز تي جاچ جاري آهي، عوام بحريا ٽائون جي دبئي پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري نه ڪري، حڪومت قانوني طريقي سان ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارتن سان رابطو ڪري رهي آهي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيب وٽ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف سرڪاري ۽ خانگي زمينن تي قبضي جا مضبوط ثبوت موجود آهن. نيب موجب ملڪ رياض ۽ سندس ساٿين بحريا ٽائون جي نالي تي ڪراچي، تخت پڙي راولپنڊي ۽ نيو مري ۾ زمينن تي قبضو ڪيو، بنا اجازت نامي جي هائوسنگ سوسائٽيز قائم ڪري ماڻهن سان اربين رپين جو فراڊ ڪيو آهي. نيب دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ رياض بحريا ٽائون جي نالي تي پشاور ۽ ڄامشوري ۾ به زمينن تي قبضو ڪيو ۽ بنا اين او سي جي زمينن تي ناجائز قبضو ڪري هائوسنگ سوسائٽيز قائم ڪيون. نيب دعويٰ ڪئي ته ملڪ رياض نيب ۽ عدالت ٻنهي کي گهربل آهي، نيب بحريا ٽائون جي پاڪستان اندر ڪيترن ئي اثاثن کي ضبط ڪري چڪو آهي ۽ بحريا ٽائون جا وڌيڪ اثاثا ضبط ڪرڻ لاءِ فوري طور قانوني ڪارروائي ڪندو. نيب چيو آهي ته سيڙپڪاري ڪندڙ مني لانڊرنگ جي زمري ۾ اچي ويندا ۽ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهن ٿا، واضح رهي ته 6 جنوري 2024ع تي اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊز جي القادر ٽرسٽ ريفرنس ۾ ملڪ رياض سميت ريفرنس جي 6 شريڪ جوابدارن کي اشتهاري ۽ مفرور ڏوهي قرار ڏنو هو.