ملڪ جي ٻين اسيمبلين جيان ڪي پي اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊون ٿينديون نه؟

0
14

ملڪ جي ٻين اسيمبلين جيان ڪي پي اسيمبلي ۾ اڄ سينيٽ چونڊون ٿينديون نه؟ مخصوص سيٽن جَي ميمبرز جِي حلف برداري نه ٿيڻ سبب صورتحال واضح نه ٿي

 ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران حلف وٺڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائي وئي آهي

اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن بادشاهه آهي، ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، پر اسان پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب هلنداسين، اسيمبلي جو اجلاس اِن سيشن نه هئڻ سبب حلف نه ورتو

اسيمبلي اجلاس لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ريڪيوزيشن نه ملي آهي، گورنر وٽ اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو ڪوبه اختيار ناهي، اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن اڳ خبردار ڪيو هو ته مخصوص ميمبرز کان حلف نه ورتو ويو ته ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ڪيون وينديون