ملڪ جي معيشت ۽ اٽي تي جان جو نذرانو

0
106
ملڪ جي معيشت ۽ اٽي تي جان جو نذرانو

بازارن ۾ پيهه لڳي پئي آ، روڊن تي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جون قطارون لڳيون پيون آهن، شادي هالن ۾ هزارين ماڻهن جي آڏو درجنين کاڌا موجود آهن، سرڪاري ڪامورا وزير مشير درجنين گاڏين جي پروٽوڪول ۾ پيا هلن، بئنڪن جي انڊيڪس ويليو وڌي رهي آهي، پر پوءِ به ملڪ مالي بحران جو شڪار آهي. موٽر ڪارون ٺاهڻ جا ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن، ڪپڙي جي ڪارخانن کي تالا لڳي رهيا آهن، ٻاهران ڪچو مال توڙي تيار مال گهرائڻ جي لاءِ ملڪ جي خزاني ۾ پئسا ڪونهن. کاڌ خوراڪ جي شين کان وٺي هر عام استعمال جي شئي جي قيمتن ۾ روزانو واڌارو ٿي رهيو آهي. عالمي ادارن جي مطابق ته ملڪ ۾ ايندڙ وقت ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، پر سرڪار سڳوري چوي پئي ته ڪو مسئلو ڪونهي. هڪ طرف سرڪار معاشي بحران جا پاڻ ڏس ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف چوي پئي ڪا مالياتي ايمرجنسي لڳائڻ جو ارادو ڪونهي. هڪ طرف ڪارخانا ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف عوام جي روزمره جي سرگرمين کي گهٽائڻ جي لاءِ سرڪار مارڪيٽن کي سوير بند ڪرڻ ۽ سرڪاري آفيسن کي پڻ گهٽ ڪلاڪن جي لاءِ کولڻ جون رٿائون رٿي رهي آهي. ملڪ جي سرڪاري خزاني ۾ ڊالر ڪونهن ۽ غريب عوام جي کائڻ جي لاءِ اٽو ڪونهي هڪڙو سچ اهو آهي. ٻيو سچ اهو آهي ته بدمعاشي، بدديانتي ۽ خراب حڪمراني جو بازار گرم رکندڙن جي لاءِ ڪو به مالي بحران ڄڻ ته آهي ئي ڪون. ملڪ جا خزانا ڪيئن خالي ٿيا ۽ ڪنهن خالي ڪيا انهي ۾ اختيار ۽ اقتدار رکندڙ ڪنهن به ڌر يا اداري جي ڪنهن به فرد ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي آهي. جيڪي ڪجهه باقي ملڪ جا وسيلا بچيل آهن انهن جي به تين وال ڪرڻ لاءِ سڀ ڏند تکا ڪري رهيا آهن.

سنڌ ۾ هن وقت ٻن وقتن جي ماني جي اٽي جي لاءِ غريب پورهيت پنهنجي مزدوري ڇڏي سستي اٽي جي خريد لاءِ ڌڪا ٿاٻا ۽ لٺيون کائي رهيا آهن، ته ڪي گاڏين جي هيٺان اچي لتاڙجي رهيا آهن. جن کي روزگار نه ٿو ملي اهي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ته ڪي پنهنجي ٻارن سميت اجتماعي خودڪشين جا سانباها ڪري رهيا آهن. ايتري صورتحال جي هوندي به سنڌ سرڪار مارڪيٽ کي ضابطي ۾ آڻي هر ماڻهو کي سستو اٽو مهيا ڪرڻ جي ذميواري پوري ڪرڻ جي بجاءِ چند شهرن جي چند هنڌن تي سستي اٽي جا اسٽال لڳائي عوام جي عزت نفس مجروح ڪري رهي آهي. انسان عزت جي زندگي جيئڻ جي بجاءِ ٻچن جي لاءِ ٻه ڪلو اٽو وٺڻ جي لاءِ ذليل ۽ خوار ٿي جي زنده بچيو ته هڪ ٿيلهو پنج ڪلو اٽي جو کڻي شام تائين گهر پهچي ٿو، جيڪو ٻن ڏينهن ۾ ختم ٿيندو ته وري انهي جي لاءِ ساڳيو پيو ڦرندو. فلور ملز کي سستي اگههه تي ڪڻڪ مهيا ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي. يقيني طور جڏهن اها ڪڻڪ سستي اگههه تي انهن کي ملندي ته مارڪيٽ ۾ اٽي جو مقرر اگههه برقرا رهي سگهندو، پر جيڪڏهن سرڪار ئي ڪڻڪ انهن کي سرڪاري اگههه تي مهيا نه ڪري ڏيندي ته پوءِ جڏهن فلور ملز وارا ذخيرو ڪندڙ واپاري کان ڪڻڪ خريد ڪندا ته انهي اٽي جو اگههه به وڌي ويندو، پر جيڪڏهن سرڪار سستي اگههه تي ڪڻڪ مهيا ڪري رهي آهي ۽ اهو اٽو هتي جي عوام کي ملڻ جي بجاءِ ٻاهر سمگل ٿي رهيو آهي يا اهو مهانگي اگههه تي وڪرو ٿي رهيو آهي ته انهي تي ضابطو آڻڻ به سرڪار جو ڪم آهي، جيڪو اها ڪرڻ کان بيوس آهي.

ڪڻڪ جي خريداري کان وٺي انهي جي وڪري تائين سرڪار پنهنجي بددياتي ۽ بدمعاشي جو ڪاروبار قائم رکندي ايندي آهي. جڏهن ڪڻڪ لهندي آهي ته انهي جي خريداري جي لاءِ بارداڻي تي ڪميشن، ڪڻڪ جڏهن گودام ۾ اچي وئي ته انهي ۾ مٽي ۽ ناڪاره اڏوهي کاڌل پراڻي ڪڻڪ ملائي خريد جو وزن پورو ڏيکاري هر مهيني سرڪاري گودامن مان هزارين مڻ ڪڻڪ جي چوري جو ڪاروبار. ڪوڙا سچا پرمٽ ليٽر ٺاهي اٽي جي چڪين وارن کي اها ڪڻڪ سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪرڻ وقت هر ٻوري تي رشوت وٺڻ جو ڪاروبار الڳ، انهي جي بعد آخر ۾ گودامن جي اندر اڏوهي کاڌل ڪڻڪ جا انبار ڏيکاري سموري ڪڻڪ غائب ڪرڻ جا ڪارناما الڳ. انهن سڀني سرڪاري ڪارستانين بعد سرڪار جي ڪامورن ۽ وزيرن مشيرن جي ملي ڀڳت سان ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي ڪرڻ انهي کي سنڌ کان ٻاهر وڪرو ڪرڻ ۽ وقت تي اٽي جو بحران پيدا ڪري مهانگي ڪڻڪ فلور ملز کي وڪرو ڪرڻ جا ڌنڌا الڳ. انهي سموري عمل کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري جن جي هجي جڏهن اهي خود انهي ڪاروبار جو حصو بڻجن ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن  ٿي سگهي ته سنڌ سرڪار مقرر اگهه تي اٽو مهيا ڪري ڏيڻ جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سرڪار مارڪيٽ قيمت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي بجاءِ پو چند هنڌن تي سستي اٽي جا اسٽال هڻي پنهنجو ڪارنامو ۽ ڪارستاني پئي جتائيندي. انهي جا اشتهار به هلندا اعلان به پيا ٿيندا ته سنڌ سرڪار عوام جي ڀلي لاءِ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي رهي آهي. جيڪا سرڪار جي بنيادي ذميواري آهي اها پوري ڪونه پئي ڪئي وڃي، انهي تي کين ڪو شرم حياءُ ته ڪونه ٿو ٿئي پر چند اسٽال اٽي جا هڻي انهي تي هنبوشيون هڻڻ جو مزو ضرور وٺي رهيا آهن.

سنڌ توڙي سموري ملڪ ۾ خراب حڪمراني جي ڪري هر هنڌ هر ڪاروبار هر سرشتي ۾ منافعي خور مافيائون جنم وٺي چڪيون آهن، جن جو ڪم ملڪ جي معيشت کي اڏوهي جيان کائي کوکلو ڪرڻ آهي. هن وقت ملڪ جي معاشي صورتحال کي ڏسندي ممڪن نه ٿو لڳي ته ڪا بهتري اچي سگهندي، ڇاڪاڻ ته بهتري جي اميد تڏهن ڪري سگهجي ٿي جڏهن انهن مافيائن مان جان آجي ٿيندي نظر اچي ها. هن وقت ته انهن مافيائن کي اڃا وڌيڪ هٿي وٺرائي پئي وڃي ته اهي وڌيڪ مضبوط ٿي ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ تباهه ڪن. قرضن جي ڪيتري به برسات وسي پوي، پر ملڪ جي واڳ ڌڻين جي سوچ تبديل ڪونه ٿيندي تيسين هن ملڪ جي معيشت بهتر ڪونه ٿي سگهندي. هن وقت ضرورت انهي جي آهي ته ملڪ جي درآمدات ۾ ڪهڙا اهڙا اسم آهن جن جي گهٽائڻ يا انهن جي مڪمل بند ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي ڪو سهارو ملي سگهي ٿو. ٻيو ملڪ جي ڪهڙي اهڙي پيداوار آهي جنهن جي برآمد ڪرڻ سان ملڪ جي ناڻي ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو انهي جي پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي. پيداواري وکرن جي وڌائڻ جي لاءِ بجلي جي ۽ خام مال جي ضرورت پوي ٿي جنهن جو پڻ وڏو بحران آهي. اهي سڀ ڪم هنن حڪمرانن کان ڪونه ٿي سگهندا تنهن ڪري اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي بهتري جي لاءِ سواءِ ڪنهن ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڪو به رستو ڪونهي.

موجوده ڪرپٽ حڪمرانن مان جان ڇڏائي سٺي ساک رکندڙ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ۱۰  فردن تي مشتمل وفاقي ۽۲۰  فردن تي مشتمل صوبائي ايمرجنسي حڪومتن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. ايندڙ پنجن سالن تائين عسڪري قوتن کي مڪمل طور پنهنجي پيشيواراڻي ذميواري نڀائڻ جي، ڪنهن به خارجي ۽ داخلي سياسي توڙي ڪاروباري معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه هجڻ گهرجي. عدليا کي پنهنجي آئيني قانوني دائري ۾ رهندي ذميواري نڀائڻ جو اختيار هوندي بنا ڪنهن تفريق ۽ زور بار جي انصاف مهيا ڪرڻ کي يقيني بنائڻ گهرجي. اهي وفاقي ادارا جن جو خسارو اربين رپين جو آهي ۽ انهن جي بهتري جو امڪان ڪونهي انهن کي بنا دير وڪرو ڪري نجي ڪمپنين جي حوالي ڪيو وڃي. جن جن سرڪاري ادارن ۾ اضافي ۽ ڪوڙيون ڀرتيون ٿيل آهن انهن جي ريسائزنگ ڪئي وڃي. سرڪاري ادارن جي اندر سياسي بنيادن تي مقرر ڪيل اعليٰ عملدارن کي فارغ ڪري انهي اداري جي پيشيواراڻي مهارت رکندڙ فردن کي اهليت جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي. جن به سرڪاري ڪامورن، سياستدانن ۽ عسڪري ادارن جي فردن تي مالياتي بدعنواني جا الزام آهن، انهن جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائڻ سان گڏوگڏ انهن جي ملڪيتن کي منجمد ڪري آزاد شفاف ڪميشن جوڙي انهن تي ڪيس هلايا وڃن. پر سوال اهو آهي اهو سڀ ٿئي ڪيئن ۽ ڪري ڪير؟