سال 2024ع جي پڄاڻي ٿيڻ سان گڏ نئين سال 2025ع جي شروعات ٿي چڪي آھي. گذريل سال جي شروعات ۾ ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ هئي، سال جي ختم ٿيڻ تائين ان ۾ گهٽتائي بدران سياسي ڇڪتاڻ عروج تي پهتل آھي. جيتوڻيڪ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آھن، پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون اڄ خميس ڏينهن ٿينديون، اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ کي باضابطه طور تي تحريري مطالبا جمع ڪرائڻا آھن، مذاڪراتي ڪميٽين جي پهرئين اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي جي مطالبي تي جيل ۾ بند پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ڪميٽي ميمبرن جي ملاقات ڪرائي وئي آھي، ملاقات بعد پي ٽي آءِ مذاڪراتي ڪميٽين جي اجلاس ۾ ٻه مطالبا پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ هڪ انڊر ٽرائل پي ٽي آءِ قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ ٻيو مطالبو 9 مئي 2023ع ۽ 26 نومبر 2024ع جي واقعن جي سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن کان جاچ ڪرائڻ ۽ عدالتي ڪميشن جي قيام جو آھي.
ظاهر آھي ته ٻئي مطالبا اهڙا آھن، جن کي حڪومت پاران تسليم ڪرڻ آسان نه آھي پر پي ٽي آءِ مطالبن تي فوري ايڪشن چاهي ٿي ۽ ائين نه ٿيڻ تي پهرين مرحلي ۾ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان پيسا نه اماڻڻ جي درخواست ڪئي ويندي، جيتوڻيڪ سول نافرماني جي تحريڪ جي سلسلي ۾ 14 ڊسمبر تائين مطالبا تسليم نه ٿيڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان رقم نه اماڻڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، اها سول نافرماني جي تحريڪ ڳالهيون شروع ٿيڻ تي به ملتوي نه ڪئي وئي آھي، مطلب ته جيڪڏهن اڄ ٿيندڙ ڳالهين دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڪا اميد يا آساني ٿيڻ جي اميد نٿي نظر اچي ته پي ٽي آءِ پوءِ به سول نافرماني جي تحريڪ تان هٿ نه کڻندي، هن وقت تائين حڪومت جو جيڪو موقف سامهون آيو آھي، ان کي ڏسي نٿو لڳي ته پي ٽي آءِ جي مطالبن کي تسليم ڪرڻ جي حڪومت حامي ڀريندي، ڇو ته حڪومت گرفتار پي ٽي آءِ ڪارڪنن بابت موقف اختيار ڪندي رهي آھي ته اهو عدالتن جو اختيار آھي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن تي ٻڌل عدالتي ڪميشن جي قيام جو مطالبو به تسليم ان ڪري ٿيندي نظر نٿو اچي جو جن ججن کي نظر ۾ رکي آئين ۾ ترميم منظور ڪرائي وئي ۽ ان ترميم سبب سينيئر ترين ججن کي باءِ پاس ڪري موجوده چيف جسٽس جي مقرري ڪئي وئي، جن ججن کي باءِ پاس ڪرڻ ۽ حڪومت ننهن چوٽي جو زور لڳائي آئيني ترميم ڪرائي، انهن ججن تي ٻڌل عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو حڪومت مطالبو ڪيئن تسليم ڪري سگهي ٿي پر پي ٽي آءِ ۽ عالمي سطح تي خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپي يونين کان بلند ٿيندڙ آواز کي حڪومت ائين نظر انداز نٿي ڪري سگهي، شايد اهو ئي سبب آھي ته حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي ميز تي اچڻ تي راضي ٿي آھي، ائين پي ٽي آءِ باني کي به ڪجھ نه ڪجھ ته محسوس ٿيو هوندو جو اهو حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آھي، ڇو ته عمران خان ته موجوده حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي حق ۾ ئي نه هو، حڪومت سان ڳالهين ۽ راضي ٿي وڃڻ واري عمران خان جي فيصلي تي صحافي، عام ماڻهو ته ڇڏيو پر خود پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جا ميمبر به حيران آھن، کين به محسوس ٿئي ٿو ته پردي پويان اهڙو ضرور ڪجھ ٿيو آھي جو عمران خان حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو آھي، کين اهو به محسوس ٿي رهيو آھي ته آمريڪا مان ٿيندڙ عمران خان جي حمايت سبب حڪومت به پريشان هوندي ۽ چاهيندي ته نئين آمريڪي صدر ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ ڪو رستو نڪري، ڇو ته ٽرمپ بابت گهڻن ماڻهن جو خيال آھي ته هو عمران خان جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪري سگهي ٿو.
پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اهو به آف دي رڪارڊ تسليم ڪن ٿا ته تيزي سان وڌندڙ ڪيسن جو مامرو به آھي پر پي ٽي آءِ اڃان به سمجهي ٿي ته عمران خان کي سزا ڏيڻ حڪومت ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي آسان عمل نه هوندو. بهرحال پاڪستان جو وزير اعظم اهو چئي چڪو آھي ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ ۾ اڃان گهڻو گيپ موجود آھي، جنهن گيپ کي پورو ڪرڻو آھي ۽ ايندڙ 6 مهينن دوران به شرط پورا ڪرڻا آھن. وزير اعظم اها حقيقت به تسليم ڪئي آھي ته پاڪستان قرضن جي بار هيٺان دٻيل آھي، جنهن صورتحال مان نڪرڻ ۽ اڏام پاڪستان نالي پنج سالن جو پلان جوڙيو ويو آھي، منهنجي معلومات مطابق هي ڇهون يا ستون پنج سالن جو منصوبو سامهون آندو ويو آھي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پهرين پنج سالن ۽ اعلان ٿيندڙ پلانن تي عملدرآمد ۽ پاڪستان کي حاصل ٿيل فائدن جو جائزو پيش ڪيو وڃي ها ۽ ان بعد اڏام پاڪستان جي نالي هي نئون پلان آندو وڃي ها، خير ائين ته نه ڪيو ويو آھي، ڇو نه ڪيو ويو آھي واري سوال جو جواب سولو ۽ آسان اهو ئي آھي ته پهريان جيڪي پنج سالن جا پلان آندا ويندا رهيا آھن،
اهي حدف حاصل ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪامي ٿي آھي ۽ اهي پلان پيپرن تائين ائين محدود رهيا، جيئن وزير اعظم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن واري ڪم بابت پاڻ ٻڌايو ته اهو ڪم رڳو پيپرن تائين محدود هو، جيڪو ان اچي ڪرايو آھي، اعلانيل هن پنج سالن جي پلان ۾ جيڪي حدف مقرر ڪيا ويا آھن، اهي حدف گهڻي ڀاڱي آءِ ايم ايف جي مطالبن ۾ شامل آھن. مثال طور، رائيٽ سائيزنگ، نجڪاري، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ۾ واڌ، خساري ۾ هلندڙ ادارن جو خسارو گهٽ ڪرڻ، غير ملڪي سرمائيڪاري جهڙا مطالبا، آءِ ايم ايف جي مطالبن ۾ شامل آھن. ائين پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آھن، انهن کي اسڪولن تائين پهچائڻ ۽ خواندگي شرح ۾ واڌ به عالمي ادارن جي گهر رهي آھي، پهرين ڳالھ ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ايترو آسان ڪم نه آھي، ان ۾ ملازمن جي مستقبل سوڌو گهڻا مسئلا موجود آھن، 18 هين ترميم تحت 10 وزارتن جي وفاق ۾ رهيل ادارن کي صوبن حوالي ڪرڻ واري مامري ۾ به ملازمن جي مستقبل جو سوال ايندو، جيڪڏهن اهي وفاق صوبن حوالي ڪيا ته صوبا انهن ادارن کي هلائڻ ۽ ملازمن تي ايندڙ خرچ جا وسيلا به ڏيڻ جي گهر ڪندا پر جيڪو وفاق شروع کان ئي اهو چوندو رهي ٿو ته وفاق کي ملندڙ اين ايف سي تحت صحي جيتري ته رقم قرضن تي وياج جي مد ۾ هر سال ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ وفاقي حڪومت کي قرض وٺي ڪم هلائڻو پوي ٿو ته اها حڪومت صوبن کي وسيلا ڪيئن فراهم ڪندي ۽ بنا پيسن جي صوبا اضافي ذميواريون کڻڻ لاءِ ڪيئن راضي ٿيندا. ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ۾ اضافو ڪرڻ بابت ته عرصي کان ڳالهيون هلن ٿيون ۽ ان لاءِ انيڪ تجربا به ڪيا ويا آھن پر نه پگهار دار طبقي تي ٽيڪسن جو بار گهٽ ٿيو آھي نه ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو وڌيو آھي.
پلان جي اعلان واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته، بجلي جي موجوده ٽيرف تي صنعتون ڪارڪردگي نٿيون ڏيکاري سگهن پر آءِ ايم ايف جي شرطن تي بجلي قيمتون وڌايون وينديون رهيون آھن، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ رهندي بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، اهو هڪ وڏو سوال آھي. انهن سمورين ڳالهين ۽ مسئلن بابت ڪم جي ڳالھ اها آھي ته، معاشي استحڪام جڙيل آھي، سياسي استحڪام سان، جو وزير اعظم پاڻ به اعتراف ڪيو آھي. پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ڪيئن ايندو يا اچي سگهي ٿو، ان رستي جو علم سڀني کي آھي پر اهو رستو اختيار ڪرڻ ۾ سياسي مفاد اڳيان اچن ٿا. مثال طور، آءِ ايم ايف کان قرض ملڻ سان پاڪستان ڊفالٽ کان بچي پئي سگهيو ۽ معيشت کي اڳتي وڌائڻ جون ڪوششون جاري رکڻ جو رستو کلي پئي سگهيو پر اهو پي ٽي آءِ جي سياسي مفادن وٽان نه هو ته پي ٽي آءِ پاران آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان ۽ منظور ٿيڻ کي روڪرائڻ ۽ خط لکيا ويا، ائين حڪمرانن کي معلوم آھي ته ملڪ جي سڀ کان مقبول سياسي اڳواڻ عمران خان کي جيل ۾ رکڻ سان ملڪ اندر سياسي استحڪام ڪيئن اچي سگهي ٿو پر عمران خان جي آزادي بعد ملڪ جو جيڪو سياسي منظرنامو جڙڻ جو امڪان آھي، اهو هڪ ته حڪمرانن کي سوٽ نٿو ڪري، ٻيو ته عمران خان جي آزادي هن حڪومت جي مستقبل ۽ وجود لاءِ به خطرو ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آھي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي ميز تي اچڻ وارو مامرو ٻڌائي ٿو ته ان ڇڪتاڻ جو حل ڪجھ ڏيو ڪجھ وٺو جي بنياد تي ٿي سگهي ٿو پر وري به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سياستدان صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ تي راضي ٿيندا، جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر گروهي سياست بدران ملڪ جو سوچين ته رستو نڪري سگهي ٿو. ملڪ جا گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا پر ملڪ جي فائدي کان پارٽي سياست ۽ فائدي کي اهميت ڏيڻ سان سياسي عدم استحڪام ۽ ڪشيدگي جاري رهندي ۽ ان صورتحال ۾ ملڪ معاشي بحران مان نڪري اهو ناممڪن آھي. هتي سڀ کان اهم سمجهڻ جي ڳالھ اها آھي ته سياسي ڇڪتاڻ جو نتيجو مهانگائي، بيروزگاري سميت اڻ ڳڻين مسئلن جي صورت ۾ عام ماڻهن کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿئي يا مقروض، ملڪ ۾ احتجاجي سياست ٿئي يا ڌرڻن جي سياست، پريشان عام ماڻهو ئي ٿيڻو آھي.