اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گليات ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات موسم خوشگوار ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ آسمان تي گهرا ڪڪر ڇانئجي ويا، جنهن کانپوءِ طوفاني هوائن سان تيز برسات شروع ٿي وئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ٿي، جنهن کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو. لاهور سوڌو پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي.