ملڪ جي سياست، آءِ ايم ايف ۽ وڌندڙ مهانگائي

0
33
ملڪ جي سياست، آءِ ايم ايف ۽ وڌندڙ مهانگائي

 قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جوڙيل پلان تحت اڄ خميس ڏينهن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث کي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل سهيڙيندو. ان بعد وزراتن لآءِ ايندڙ سال لآءِ گهربل رقم جي فراهمي لآءِ ناڻي مطالبن جي منظوري جو عمل شروع ٿيندو. ايندڙ سومر ڏينهن تي انهن وزارتن جي خرچن جن ۾ مخالف ڌر ڪٽوتي جون رٿون جمع ڪرايون آھن انهن ڪثوتي جي رٿن تي بحث ٿيندو. انهن ڪثوتي جي رٿن تي ڪاروائي دلچسپ ان ڪري به هوندي جو هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن نه هجڻ برابر آھي.  جيڪي پي ٽي آءِ جا ناراض ميمبر اسيمبلي ۾ موجود آھن، اهي حڪومت کان وڌيڪ عمران خان مٿان تنقيد ڪري رهيا آھن، پاڻ کي اصل مخالف ڌر سمجهندڙ جي ڊي اي ميمبر حڪومت خلاف تنقيد ته ڪري رهيا آھن، پر بنا ڪورم جي هلندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪورم جي نشاندهي نه ڪري سڌي ريت حڪومت لآءِ آساني پيدا ڪري رهيا آھن.

جي ڊي اي جي سائرا بانو اڪثر طور تي ايوان اندر خالي ڪرسين ۽ وزيرن جي عدم دلچسپي جي نشاندهي ڪرڻ باوجود ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ کان پاسو ڪندي آھي. جون جي پهرين ڏهاڪي کان شروع ٿيل بجيٽ اجلاس ۾ اڪثر طور هر ڏينهن تي 342 ميمبرن مان ڪورم لآءِ گهربل رڳو 86 ميمبر به موجود نه رهيا آھن. هڪ ڏينهن ته وفاقي وزير سيد خورشيد شاه وزيرن جي عدم موجودگي ۽ ميمبرن جي گهٽ شرڪت تي اهڙو ڪاوڙجي پيو جو ان اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو ڪرڻ تائين معطل ڪيو وڃي نه ته مان ڪورم جي نشاندهي ڪندس. اهڙي ڌمڪي بعد اسپيڪر اڌ ڪلاڪ لآءِ ڪاروائي معطل ڪئي هئي پر اسيمبلي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ ميمبر جي عدم دلچسپي جو اهو ئي عالم آھي. بنا ڪورم اجلاس هلڻ معمول بڻيل آھي. ائين لڳي ٿو ته اسيمبلي جي توهين جهڙي انهي حالت جو ڪنهن کي ڪو فڪر نه آھي.

ڳالھه بجيٽ جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته اطلاع اهي آھن ته وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آھن آءِ ايم ايف حڪومت جي قدمن تي اتفاق ڪيو آھي. هاڻي لڳي ٿو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض ملي ويندو آءِ ايم ايف جي پروگرام جي بحالي سان ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن ۽ ملڪن کان به پاڪستان کي قرض ملڻ جي راهه همورا ٿي ويندي. پر آءِ ايم ايف سان هي حڪومت نئون ۽ نون شرطن تي ٻڌل معاهدو ڪري نه سگهي، جيڪو پي ٽي آءِ دور ۾ معاهدو ڪيو ويو هو جنهن جي پي ٽي آءِ پاران خلاف ورزي ڪرڻ ڪري معطل ڪيو ويو هو اهو ئي معاهدو هي حڪومت ڪري رهي آھي. آءِ ايم ايف کان قرض ملڻ وارو عمل حڪومت لاءِ شايد خوشي جو سبب هجي، پر ڇا ان معاهدي تي عمل ڪرڻ سان عام ماڻهن لاءِ ڪا خوشي جي گهڙي اچي سگهي ٿي؟ ظاهر آھي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي عمل سان عوام جي چيلھه چٻي ٿيندي، عام ماڻهن کي رليف رڳو ان صورت ۾ ملي سگهي ٿو، جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون يا يوڪرين ۽ روس جي جنگ بند ٿيندي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ عام واهپي ۽ استعمال جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي.

باقي پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ ٿيل غير معمولي واڌ جي اثر کان عوام کي بچائڻ لاءِ جيڪو معمولي قدم کنيو ويو آھي، ان مان عام ماڻهن کي فائدي بجاءِ يوٽيلٽي اسٽورن جي ملازمن ۽ انتظاميه کي فائدو ٿيندي نظر اچي رهيو آھي. حڪومت عام مارڪيٽ کان يوٽيلٽي اسٽورن تي في ڪلو گيھه ۽ تيل 250 سو روپيا گهٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عام مارڪيٽ کان يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو 60 روپيا، کنڊ 21 روپيا، دالون ۽ چانورن جي في ڪلو  15 کان 20 روپيا سستو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اربين روپيا سبسڊي يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن کي ڏني پئي وڃي پر ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي ته ڇڏيو پر اسلام آباد جي يوٽيلٽي اسٽورن تي به گيھه اڻ لڀ آھي. ماڻهن کي روز اهو چئي واپس ڪيو پيو وڃي ته گيھه ختم ٿي ويو آھي. منهنجي مشاهدي ۾ آھي ته ڪجھه سال اڳ به عام مارڪيٽ کان يوٽيلٽي اسٽورن تي گيھه سستو ڏيڻ لاءِ سبسڊي ڏني پئي وئي، پر يوٽيلٽي اسٽورن جي عملي مقامي دڪاندارن کي في ڪلو ڏھ کان پندرنهن روپيا گهٽ ڏئي گيھه عام دڪانن تي ڏئي يوٽيلٽي اسٽورن جي عملي پاڻ به في ڪلو تي ٽيھه کان چاليھ روپيا ڪمايا هئا.

هن وقت حڪومت گيھه جي في ڪلو تي 250 روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آھي. مطلب ته عام دڪاندارن کان يوٽيلٽي اسٽورن تي گيھه اڍائي سو روپيا سستو ڏنو پيو وڃي. اگر دڪاندار کي يوٽيلٽي اسٽورن جو عملو گيھه 50 روپيا به گهٽ ڪري عام دڪاندارن کي ڏئي ته اهي دڪاندار انهن جي خوشامد به ڪندا، اڳواٽ ايڊوانس ۾ پيسا به ڏيندا ۽ ائين يوٽيلٽي اسٽورن جو عملو حڪومت پاران ملندڙ في ڪلو تي سبسڊي مان 200 جو منافعو ڪمائي وٺندو. مطلب چوڻ جو اهو آھي ته جيستائين فول پروف نظام نه ٺاهيو ويندو تيستائين ان سبسڊي جو فائدو عام ماڻهن کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي انتظاميه ۽ ملازمن کي ٿيندو. اگر اهو رليف به عوام جو کاڌو ويو ته ملڪ اندر عام ماڻهن جو جيئڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو. حڪومت کي احساس ڪرڻ گهرجي ته سبب ڇا به هجي پر هن حڪومت ٻن مهينن ۾ جيڪا مهانگائي ڪئي آھي، اهو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪرڻ جو رڪارڊ آھي.

هن حڪومت 26 مئي کان 15 جون تائين 21 ڏينهن ۾ پيٽرول جي في ليٽر تي 84 روپيا 3 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 119 روپيا 16 پيسا، گاسليٽ جي في ليٽر تي 85 روپيا 87 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر تي 89 روپيا 16 پيسن جو اضافو ڪيو جنهن ڪري هر شي جي قيمتن ۾ پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ کان به وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آھي. موجوده حڪمران ان صورتحال جو اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حڪومت کي ته ذميوار قرار ڏئي رهيا آھن پر  اگر عمران خان پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ رياست کي داءُ تي رکي ويو آھي جنهن جو حڪمران ڌر بار بار ذڪر ڪري رهي آھي. سوال هي آھي ته اگر عمران خان ڄاڻي واڻي هي حالتون پيدا ڪري ويو آھي ته پوءِ ان خلاف ڪاروائي ڇو نٿي ٿئي يا ان بابت ڪا جانچ ڇو نه ٿي رهي آھي. حڪومت اهي قدم ته نه کڻي رهي آھي پر حڪومت موجب جيڪي معاشي حالتون عمران خان حڪومت خراب ڪري وئي آھي انهن حالتن جو سمورو بار عوام مٿان وڌو پيو وڃي. هي حالتون عوام ته پيدا نه ڪيون هيون پوءِ انهن حالتن جو بار عام ماڻهن تي وجهڻ ڇا مناسب آھي؟

 اها سادي ڳالھه ان ڪري نه آھي جو وفاقي وزير شيري رحمان ڪالھه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اهو اعتراف ڪري چڪي آھي ته ايندڙ سال جي پيش ڪيل بجيٽ حڪومت جي نه پر آءِ ايم ايف جي تيار ڪيل آھي. اگر اسان جي ملڪ جي بجيٽ هزارين ميل دور پرڏيھه ۾ اهي ماڻهو ويهي ٺاهين ٿا جن کي ملڪ جي زميني حالتن جي رتي برار به معلومات نه آھي ته پوءِ ملڪ جي ڪهڙي خودمختياري وڃي باقي رهي ٿي؟ جڏهن ڪو ملڪ خودمختيار نه هجي اهو پنهنجي بجيٽ نه ٺاهي سگهي ۽ معمولي عوامي رليف لاءِ به ڏينهن جا ڏينهن آءِ ايم ايف اڳيان درخواستون ڪري، ان ملڪ ۾ عام ماڻهن کي ڪهڙو رليف ملي سگهي ٿو؟ ڇا ان ملڪ جا عام ماڻهو حالتن جي رحم ڪرم تي نه اچي ويندا؟ اگر حڪومتن جو ڪم ڪنهن واپاري وانگر ٿي وڃي ته ڇا اها ستم ظريفي نه آھي؟ واپارين جي اها پاليسي ۽ سوچ هوندي آھي ته فلاڻي شي مارڪيٽ مان هيتري ملي آهي ان ۾ خرچ ۽ منعافو ملائي هيتري رقم کان گهٽ اگھه تي وڪرو نه ڪنداسين. اگر عالمي مارڪيٽ ۾ شين جون قيمتون وڌي وڃن اوتري ئي اگھه تي عوام کي فراهم ڪرڻ جو ڪم اگر حڪومت ڪري ٿي ته حڪومت ۽ واپارين ۾ ڪهڙو فرق بچي ٿو ۽ جڏهن به ڪو ملڪ ان صورتحال ۾ اچي وڃي تڏهن  انهن حالتن ۾ ملڪ کي جنهن به پهچايو انهن جو محاسبو ٿيڻ ضروري ٿي ويندو آھي! ائين نٿو ٿي سگهي جيڪي ملڪ کي ان دلدل ۾ پڄائن انهن کان ڪو به پڇڻ وارو نه هجي ۽ انهن جي غلطين جو ازالو عوام جي زندگي جهنم بنائي ڪيو وڃي.

اوهان کي ٻڌايان ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪاميٽي جو اجلاس ڪالھه ٿيو آھي مون کي ناهي معلوم ته ان اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني حالتن جي ڪهڙي منظر ڪشي ڪئي وئي آھي. طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جا ڪهڙا جواز پيش ڪيا ويا آھن. مون کي اهو به معلوم نه آھي ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪاميٽي مستقبل لاءِ ڪهڙن مامرن تي اتفاق ڪيو آھي پر منهنجي ذهن ۾ ته سوال اهو آھي ته ڇا پارليامينٽ هن وقت ان حيثيت ۾ آھي ته اها ملڪ جي مسقبل بابت ڪو پلان جوڙي سگهي؟ اگر ان سوال جو درست جواب جنهن وٽ هوندو اهو قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس جي اهميت بابت اندازو ڪري سگهي ٿو! سوال هي به آھي ته موجوده حالتون ڇا ملڪ ۾ انتشار ۽ سياسي محاذ آرائي جون متحمل ٿي سگهن ٿيون ظاهر آھي ته جواب انڪار ۾ هوندو. پر عمران خان هڪ ڀيرو وري عوام کي احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي ڇا هي حڪومت ان کي روڪي سگهندي؟ ڇا اها حڪومت، جيڪا ڪجھه مهينا اڳ پاڻ احتجاج کي جمهوري حق سمجهي ڪري رهي هئي، اها حڪومت ۾ اچي عمران خان کي اهو حق نه ڏيندي اگر ملڪ اندر احتجاج، افراتفري پيدا ٿيندي ته ڇا ملڪ اندر سياسي ڌرين جي رساڪشي جي قيمت به عام ماڻهن کي ادا ڪرڻي پوندي؟ اهو سلسلو ڪيستائين جاري رهندو؟ اقتداري ويڙهه جو ٻارڻ  عام ماڻهو ڪيستائين ٿيندو؟ اسان جي ملڪ اندر پارٽي، گروهي مفادن مٿان عام ماڻهن ۽ ملڪي مفاد ڪڏهن بالاتر ٿي سگهندا؟ بهرحال عمران خان صاحب پنهنجي حڪومت ۾ ڪيل مهانگائي، ناڪامين کي وساري عوام کي ٻڌائي رهيو آھي ته هي ملڪ ۾ مهانگائي ڪرڻ آيا آھن. پاڻ کي اين آر او ڏيڻ آيا آھن.

نيب ترميمي بل ته گڏيل پارليامينٽ 9 جون تي منظور ڪيو هو پر عمران خان کي هاڻي ياد اچي ويو آھي ته ان بل ذريعي ان جي سياسي مخالفن جا 12 سو ارب روپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ٿي ويندا. هاڻي ان مامري کي عمران خان اشو بنائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آھي. ڳالھه عمران خان جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته عمران خان صاحب وزير اعظم جي عهدي تان هٽڻ بعد پريس ڪانفرنسن ۾ سمورن بيٽ رپورٽرن کي گهرائڻ کان پاسو ڪري رهيو آھي ته متان مشڪل سوالن جو منهن ڏسڻو پوي. عمران خان صاحب يا ته مخصوص صحافين، ويجهن يوٽيوبرز کي گهرائي ڳالھه ٻول ڪري ٿو يا اڪثر طور تي پارٽي  ميڊيا جي ڪيمرائن سامهون ويهي پريس ڪانفرنس ڪندو رهي ٿو، ان سان کيس ڪنهن سوال جو به جواب نٿو ڏيڻو پوي. مرضي جي تقرير ڪرڻ ۾ به آساني ٿئي ٿي عمران خان جي پارٽي  ته جلسن ۾ به ٽي وي چينلن کي ڪوريج نٿي ڏي اگر ڪا ٻي پارٽي اهڙو انداز اختيار ڪري ها ته خبر نه آھي ته کيس ڪيتري تنقيد کي منهن ڏسڻو پوي ها پر ڏسجي ته ٻين پارٽين جي به ميڊيا بابت پاليسي ٿوري فرق سان ساڳي ئي آھي. هي پارٽي ميڊيا ذريعي عام ماڻهن وٽ پهچڻ چاهي ٿي عام ماڻهن سان روبرو ٿيڻ جي اڪثر پارٽين جي قيادت وٽ همت ئي نه آھي.