ملڪ جي ترقيءَ لاءِ سياسي استحڪام هجڻ گهرجي

0
31
ملڪ جي ترقيءَ لاءِ سياسي استحڪام هجڻ گهرجي

پنهنجن ڪارنامن جون جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻ ويهنداسين ته اهي ڳالهيون روئڻ ۾ تبديل ٿي وينديون. اڄ اسان کي وقت ناهي جو گذريل ماضيءَ جي بيوقوفين جو ذڪر ڪريون پر جيڪا اڄ ملڪ جي حالت آهي، ان بابت اهو چئي سگهون ٿا ته اسين ڪهڙين اوناهي کڏن ۾ وڃي ڪري پيا آهيون. وزيرستان واري علائقي مان هڪ قبيلي جو سردار هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو. حالانڪه هن سان باڊي گارڊ به گڏ هئا. هاڻي اندازو لڳايو ته جتي قبيلي جو سردار محفوظ ناهي ته عام ماڻهوءَ لاءِ صورتحال ڪهڙي هوندي؟ سنڌ ۾ به وزيرستان واري صورتحال آهي. ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ مان هزارين هندو خاندان روئندي روئندي سنڌ ڇڏي ويا آهن. هندو سنڌ جي سونهن آهنم انهن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اهي پنهنجيون ملڪيتون ڇڏي هلي وڃن ته جيئن انهن جون ملڪيتون ڦٻايون وڃن.

                 ڏسجي ته اسان جي اندر مان آهستي آهستي انسانيت دم ٽوڙي رهي آهي. بهرحال اچون ٿا پنهنجي اصل موضوع طرف. مير علي واري علائقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي ۽ 2 باڊي گارڊ جيڪي هٿيارن سان ليس هئا، کين اغوا ڪيو ويو آهي. حڪومت جي ڪمزور طرز حڪمرانيءَ لاءِ اها صرف هڪ جهلڪ هئي. ان علائقي جي صورتحال ۽ اهڙي صورتحال ڪنهن غيرن پيدا ناهي ڪئي. اهڙي صورتحال اسان جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي. هڪ نام نهاد جهاد جو سبق اسان کي ڪنهن ڏنو؟ اسان جي ملڪ جا ان وقت جا نام نهاد حڪمران ئي اهڙا هئا جيڪي پنهنجو پاڻ کي نيپولين سمجهندا هئا ۽ ان وقت پنهنجيون اکيون بند ڪري افغانستان جي جنگ ۾ پاڻ ٽپو ڏيئي ويٺا. آمريڪا هميشه پاڪستان کي ڊالرن جي ٽجوڙيون ڏيکاريندي پاڪستان کي لالچ ۾ ڦاسائيندو آيو آهي ۽ هونءَ به پاڪستان جا حڪمران ڊالرن جي لالچ ۾ هميشه ملڪ جي مفادن جا سوادگر ٿيندا رهيا آهن.

تازو آمريڪا جو آرمي چيف مدت ملازمت مڪمل ڪندي جڏهن رٽائر ٿيو آهي ته هو صرف پاڻ سان گڏ ڪپڙن جي بيگ کڻندي گهر ويندي ڏسون ٿا. جيڪو دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. جيڪڏهن اسان وٽ به ائين ٿئي ته ملڪ غريب ڇو ٿيندو؟ بهرحال نام نهاد جهاد جو مزو پاڪستان روس کي سيکاريو. روس ته افغانستان مان نڪري ويو اڄ پاڪستان نام نهاد جهاد جو مزو چکي رهيو آهي. اسان اڄ ڪهڙي حالت ۾ بيٺل آهيون. جيڪي تيل ۽ سون جي دولت سان مالامال آهن، اهي به اڄڪلهه پنهنجي تحفظ خاطر آمريڪا جا محتاج آهن. اهي آسوده ملڪ خاص ڪري عرب ملڪ پنهنجو تحفظ به نه ٿا ڪري سگهن. نه ته اسرائيل کي ڪهڙي مجال جيڪو گريٽر اسرائيل جو نقشو مسلمان ملڪن کي عيان ڪري ڏيکاري. امير ملڪن کي پنهنجو ملڪ ۽ عوام بچائڻو آهي، انهن کي نه فلسطين جي ڪا پرواهه آهي ۽ نه وري ڪشمير جي، ته پوءِ اسان ڇو سڀني مسئلن ۾ پاڻ کي انگيج ڪري ڇڏيو آهي؟ حماس ته اهڙو ميدان سينگاري ڇڏيو آهي جو ان فلسطين کي تباهه ته ڪري ڇڏيو آهي پر حزب الله ۽ ايران جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي.

اسين ذهني طور تي گهڻو پوئتي پيل آهيون. اسان جون عادتون افراتفري جو شڪار آهن. ترقي ڪرڻ واري عادت اسان جي ناهي. آخرڪار ڪڏهن پاڪستان ترقي ڪندو؟ حڪمرانن جي نفسيات ڪڏهن تبديل ٿيندي ۽ ڪڏهن پاڪستان جو عوام 100 روپين تي پيٽرول جو ليٽر وٺندو؟ ڪڏهن هڪ آمريڪي ڊالر پاڪستاني روپين ۾ 100 تي ايندو. ڪڏهن غريب خوشحال ٿيندو؟ ڪڏهن ملڪ ۾ بجلي 24 ڪلاڪ ملندي ۽ ڪڏهن ملڪ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ٿيندي؟ انهن سڀني سوالن جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀني جي سوچ لٽ ڦر ۾ لڳل آهي. هن وقت آمريڪا، اسرائيل ۽ ڀارت جي گڏيل سوچ آهي ته پاڪستان کي شام ۽ لبيا جيان عبرتگاهه بڻائي ڇڏيو،ن. ڇاڪاڻ ته هن وقت مسلمان ملڪن ۾ پاڪستان، ايران ۽ ترقي طاقتور ايٽمي ملڪ بچيل آهن. عرب ملڪن وٽ جيتوڻيڪ پئسو گهڻي مقدار ۾ آهي پر اهي پنهنجي عياشين ۾ پورا آهن، ڪنهن به عرب ملڪ وٽ فوجي طاقت موجود نه آهي، جنهن جي ڪري آمريڪا جون نظرون صرف پاڪستان ۽ ايران ۾ کتل آهن. انهن سڀني ڳالهين کي مد نظر رکندي به اسين ادارن کي ڦرڻ ۾ پورا آهيون. پاڪستان آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جو قرضي هجڻ باوجود دنيا لاءِ اڄ به پاڪستان گهڻن رخن کان اک ۾ ڪنڊي طور نمايان آهي. آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ آمريڪا جي زير اثر آهن، ان حوالي سان پاڪستان کي تنگ ڪيو پيو وڃي. عرب ملڪ ڪنهن به ڪم جا ناهن. صرف انهن وٽ ڏوڪڙ ۽ تيل آهي. انهن وٽ ڪابه فوجي طاقت ناهي، جنهن جي بنياد تي هو پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن. پاڪستان کي گهرجي ته هن وقت آمريڪا سان اهڙو ماحول نه بڻائي جنهن سان جنگ جو خطرو پيدا ٿي وڃي. اسٽيبلشمينٽ ۽ پينٽاگون وچ ۾  هميشه سازگار ماحول رهيو آهي. پاڪستان جو ايٽمي ميزائل پروگرام کي آمريڪا پنهنجي لاءِ به خطرو ڄاڻي ٿو. هن وقت ايران به آمريڪا جي ريڊار تي آهي. ته پوءِ ان صورتحال ۾ ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجڻ تمام ضروري آهي، جنهن کان پوءِ ئي ملڪ ترقيءَ تي دڳ تي هلڻ شروع ڪندو.