ملڪ جي باني محمد علي جناح پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن بلوچستان جي پر فضا ماڳ زيارت ۾ گذاريا. سيپٽمبر 1948ع جي شروعات ۾ ئي سندس طبيعت هڪدم خراب ٿيڻ لڳي. کيس نمونيا، ٽي بي ڦڦڙن جو ڪينسر ٿي چڪو هو. 09 سيپٽمبر تي سندس ڊاڪٽر جواب ڏيئي ڇڏيو، 11 تاريخ تي کيس اڏام وسيلي ڪراچي پهچايو ويو. ماڙي پور ڪراچيءَ ۾ هوائي فوج جي اڏي تان کيس آرمي ايمبولينس وسيلي اسپتال نيو ويو. پنج ميل کن هلڻ کانپوءِ ايمبولينس وچ رستي تي بيهي وئي ۽ ان ئي رات سندس لاڏاڻو ٿيو.
جناح صاحب جي آخري ڏهاڙن بابت سندس معالج ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش جي لکڻي “قائداعظم جا پڇاڙڪا ڏهاڙا” هڪ مستند حوالو آهي. جولاءِ 1948ع ۾ جناح صاحب جي پهريون ڀيرو تپاس ڪرڻ بابت هن لکيو ته هو تمام گهڻو هيڻو لڳي رهيو هو. مون کي اچرج لڳو ته ايتري هيڻائپ واري حال ۾ هو جيئرو ڪيئن هو ۽ ايترو ڪم ڪيئن ٿي ڪيائين. 16 آگسٽ تي جناح صاحب جو ايڪسري ڪيو ويو ۽ سندس رت چڪاسيو ويو. ايڪسري ۾ لڳو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هن جيڪو سندس علاج ڪيو هو، ان سان سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو هو. کيس کاڌي پيتي ۾ پرهيز جي تاڪيد ڪيل هئي. سندس ڀيڻ فاطمه جناح زيارت ۾ سندس خدمت ڪري رهي هئي. ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش کي به اتي جناح صاحب جي علاج لاءِ گهرايو ويو هو. پاڻ لکي ٿو ته هڪ ڏينهن فاطمه جناح پڇيو ته جناح صاحب سوجيءَ جو حلوو کائڻ ٿو گهري. مون کيس چيو ته ڀلي ٿورو حلوو کائي وٺن. جناح حلوي سان گڏ پوري کائڻ جي به اجازت گهري پر ڪرنل الاهي بخش ان کان جهليو، البته جناح صاحب حلوي سان گڏ ٿوري گهڻي پوري به کائي ورتي.
ڊاڪٽر الاهي بخش موجب، جڏهن جناح صاحب جي طبيعت ۾ ڪجهه سڌارو آيو ۽ هن سندس وزن ڪرايو ته هو بس 80 پائونڊن جو مس هو. 26 آگسٽ تي ڪرنل الاهي بخش کيس ڪراچي هلڻ جو مشهورو ڏنو پر پاڻ راضي نه ٿيو. ان دوران جناح صاحب جي طبيعت ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا. پنج سيپٽمبر تي کيس 100 ڊگري بخار ٿي پيو، ان ڪري نبض به هيٺ مٿي ٿي رهي هئي. 07 تاريخ تي کيس ساهه ۾ مُونجهه ٿي رهي هئي، جنهنڪري هن ڪمري جا سڀ در دريون کولرائي ڇڏيا. ايئن سندس طبيعت هيٺ مٿي ٿيندي رهي. ان دوران ڪراچيءَ مان هڪ ٻئي ماهر ڊاڪٽر ايم. اي مستري کي به گهرايو ويو. 09 سيپٽمبر تي جناح صاحب جي ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش محترمه فاطمه جناح کي ٻڌايو ته سواءِ ڪنهن معجزي جي جناح صاحب جو زنده رهڻ مشڪل آهي. سندن چوڻ تي فاطمه جناح ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪوئيٽا ۾ گورنر جنرل جو خصوصي جهاز تيار ڪرائي ڇڏيو. ڊاڪٽر مستري ٻڌايو ته رات جو جناح صاحب جي طبيعت وري بگڙجي وئي هئي ۽ هن صبح کان ڪجهه به نه کاڌو هو. اهو ٻڌي مون چيو ته هاڻي جناح صاحب کي ڪراچي وٺي وڃڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. منجهند جو اسان جناح صاحب کي اسٽريچر تي سمهاري ڪار ۾ پهچايو. اسان 2 وڳي تائين هوائي اڏي تي پهچي وياسين. ان کان اڳ ڪرنل الاهي بخش جهاز ڏسڻ وقت ان ۾ موجود سئلينڊر ۾ آڪسيجن گهٽ هجڻ ۽ ملٽري اسپتال ڪوئيٽا ۾ ان جو بندوبست ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن کيس اسٽريچر تي جهاز ۾ کڻي ٿي ويا ته عملي جناح صاحب کي سلامي ڏني، جنهن جي هن ورندي به ڏني.
جهاز ۾ ڪجهه دير رکي رکي جناح صاحب کي آڪسيجن ڏني ٿي وئي. سوا چار وڳي جهاز ماڙي پور جي اڏي تي لٿو. اتي گورنر جنرل جو ملٽري سيڪريٽري ڪرنل نواز موجود هو، جيڪو ايمبولينس سان گڏ بيٺو هو پر اتي ڪابه نرس نه هئي. جناح صاحب کي ايمبولينس ۾ آندو ويو، جتي فاطمه جناح ۽ ڪوئيٽا مان آيل نرس ساڻس گڏ ويٺيون. هوائي اڏي کان گورنر جنرل جي رهائش گاهه 9، 10 ميل پري هئي، چار ميل کن هلڻ کانپوءِ ايمبولينس اوچتو بيهي وئي. پتو پيو ته ان جي انجڻ خراب ٿي چڪي هئي. ڊرائيور 20 منٽ کن ڪوشش ڪئي پر گاڏي نه هلي. مس فاطمه جناح ملٽري سيڪريٽري کي ٻي ايمبولينس آڻڻ لاءِ موڪليو. ايمبولينس ۾ هوا بند هئي. نرس ۽ نوڪر جناح صاحب کي وڃڻو هڻي رهيا هئا ۽ کيس لاڳيتو پگهر اچي رهيو هو. ميان هارون رشيد هڪ مضمون ۾ لکيو ته جتي ايمبولينس خراب ٿي، اتي گندي پاڻيءَ جي ڌپ هئي ۽ تمام گهڻيون مکيون هيون. جناح صاحب ۾ پنهنجي مٿان مکيون هڪلڻ جي به سگهه نه هئي. پاٺي جو هڪ خراب ٽڪرو هٿ ڪري ان مان وڃڻي جو ڪم وٺي مکيون هڪليون ويون. ان دوران ڊاڪٽر الاهي بخش، جناح صاحب کي ٿوري چانهه پياري. سندس نبض به بهتر هئي. ڊگهي اوسيئڙي کانپوءِ ملٽري سيڪريٽري ٻي ايمبولينس آندي، جنهن ۾ جناح صاحب کي منتقل ڪيو ويو. ايئن ٻن ڪلاڪن جي اڏام کانپوءِ رستي تي ٻيا ٻه ڪلاڪ لڳي ويا.
ڊاڪٽر الاهي بخش، ڪرنل نواز کي چيو ته رات جي پهر لاءِ نرس جو بندوبست ڪريو پر نرس جو انتظام به رات دير سان ممڪن ٿي سگهيو. سوائين اٺين، نائين وڳي جناح صاحب جي نبض ڪمزور ۽ بي ترتيب ٿي وئي. کيس ٿڌو پگهر اچڻ لڳو. ان وچ ۾ ڊاڪٽر مستري ۽ ڊاڪٽر رياض شاهه به پهچي ويا. ڪرنل الاهي بخش، ڊاڪٽر رياض شاهه کي جناح کي سُئي هڻڻ لاءِ چيو پر سندس رڳن جي حالت اهڙي ٿي چڪي هئي، جو سُئي به نه لڳي سگهي. کيس آڪسيجن ڏني ٿي وئي. دل کي هٿي ڏيڻ لاءِ وات وسيلي دوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها نڙيءَ کان هيٺ نه لٿي. ڪرنل الاهي بخش لکي ٿو ته، مون ڪنهن طرح کيس سُئي هڻڻ کانپوءِ آٿت ڏيندي چيو ته اها سُئي جلد ڪم ڏيکاريندي ۽ خدا ڪندو ته اوهان سلامت رهندو، تنهن تي قائداعظم ڪنڌ ڌوڻيندي جهيڻي آواز ۾ وراڻيو: “نه، مان نه بچي سگهندس”. ڪرنل الاهي بخش موجب اهي جناح صاحب جا آخري لفظ هئا، جيڪي هن سندس لاڏاڻي کان اڌ ڪلاڪ اڳ کيس چيا. ڏهين وڳي نبض ڪجهه سڌري پر 10 منٽن کانپوءِ وري ٻڏي وئي. 10 لڳي 20 منٽن تي مون سندس نبض تي هٿ رکيو ته اها نٿي هلي. دل تي اسٽيٿو اسڪوپ رکيم ته اها به ماٺ نظر آئي. قائداعظم لاڏاڻو ڪري چڪو هو. مون اشاري سان فاطمه جناح کي سڌ ڏني، جيڪا ڏک وچان ڊهي پئي. ڊاڪٽر الاهي بخش موجب اسان 36 ڪلاڪ اڳ فاطمه جناح کي ٻڌائي چڪا هئاسين ته جناح جي هڪ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ جيئري رهڻ جا آثار نه آهن.
قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب “شهاب نامي” ۾ جناح صاحب جي بيماريءَ جي ڏينهن جا ڪجهه واقعا تحرير ڪيا آهن، جيڪي محترمه فاطمه جناح جي لکت “ماءِ برادر” جي حوالي سان آهن. محترمه فاطمه جولاءِ 1948ع جو ذڪر ڪندي لکي ٿي ته جولاءِ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن وزيراعظم لياقت علي خان ۽ سيڪريٽري جنرل چوڌري محمد علي اوچتو زيارت پهتا. سندن اچڻ جي ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي هئي، وزيراعظم، ڊاڪٽر الاهي بخش کان پڇيو ته قائداعظم جي مرض بابت هنن ڪهڙي سڃاڻپ ڪئي آهي؟ ڊاڪٽر کين وراڻيو ته کيس محترمه فاطمه هتي سڏايو آهي ۽ هو رڳو کيس ئي ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو. وزيراعظم کيس چيو ته مان وزيراعظم طور سندن صحت بابت ڳڻتيءَ ۾ آهيان. ان تي ڊاڪٽر ادب سان وراڻيو: جي ها بيشڪ، پر مان پنهنجي مريض جي اجازت کانسواءِ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان.
جڏهن مس فاطمه جناح قائد اعظم کي وزيراعظم جي آمد جي سڌ ڏني ته هن مسڪرائيندي وراڻيو: “فاطي! توکي خبر آهي، هو ڇو آيو آهي. هو ڏسڻ جو گهري ته منهنجي بيماري ڪيتري شديد آهي، مان ڪيترو وقت جيئرو رهي سگهان ٿو. تون هيٺ وڃي وزيراعظم کي ٻڌائي ته مان ساڻن هينئر ئي ملندس. مس فاطمه چيو ته هاڻي گهڻي دير ٿي وئي آهي، توهان ساڻن سڀاڻي ملي وٺجو. قائداعظم وراڻيو، “نه، کين هينئر اچي پاڻ اکئين ڏسڻ ڏي.” وزيراعظم اڌ ڪلاڪ تائين قائداعظم وٽ رهيو، ان کانپوءِ هو 15 منٽن لاءِ چوڌري محمد علي سان به مليو، ان کانپوءِ جناح صاحب، فاطمه کي چيو ته هوءَ هيٺ وڃي مهمانن سان گڏ ڊنر ڪري. جڏهن فاطمه چيو ته مان اوهان سان ويهي هتي ئي ماني کائي وٺنديس ته جناح صاحب کيس چيو ته اهو مناسب ناهي، هو اسان جا مهمان آهن، تون وڃي ساڻن ڊنر ڪر. فاطمه جناح لکي ٿي ته ڊنر تي وزيراعظم ڏاڍو وڻندڙ موڊ ۾ هو ۽ کل ڀوڳ ڪندو رهيو. جڏهن ته مس جناح جي دل پنهنجي ڀاءُ جي خوف ۾ ڏڪي رهي هئي، جيڪو مٿي اڪيلو بيماريءَ جي بستري تي پيو هو. ماني دوران چوڌري محمد علي چپ چاپ ڪنهن سوچ ۾ گم رهيو. ان واقعي کان ڪجهه هفتا پوءِ 14 آگسٽ تي پاڪستان جي پهرين سالگره آئي. ڪمزور صحت جي باوجود جناح قوم لاءِ هڪ جوشيلو پيغام جاري ڪيو. مس جناح لکي ٿي ته پاڪستان جي ڏهاڙي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ناڻي وارو وزير غلام محمد، جناح سان ملڻ لاءِ ڪوئيٽا آيو. لنچ وقت جڏهن مس جناح ساڻس اڪيلي ويٺي هئي ته هن کيس ٻڌايو ته يومِ پاڪستان تي جناح جي پيغام کي مشهور نه ڪيو ويو، ان جي ابتڙ وزيراعظم لياقت علي خان جي پيغام جا پوسٽر ڇاپي شهرن ۾ نه رڳو ڀتين تي ڇنبڙايا ويا پر هوائي جهازن وسيلي وڏن شهرن ۾ اڇلائي عام به ڪيا ويا.
جناح صاحب جي وفات کانپوءِ حڪومت جو مس فاطمه جناح ڏانهن رويو سرد رهيو. جناح صاحب جون ٻه ورسيون آيون پر هن جناح جي ورسي تي قوم کي خطاب ڪرڻ کان نابري واري. سندس شرط هو ته نشر ٿيڻ کان اڳ هوءَ پنهنجي تقرير جو متن ڪنهن کي به نه ڏيکاريندي. حڪومت کي ڊپ هو ته مس جناح الائي ڪهڙيون ڳالهيون چوندي. نيٺ ٽين ورسيءَ تي اهو طئي ٿيو ته محترمه فاطمه جناح پنهنجي تقرير سينسر ڪرائڻ کانسواءِ ريڊيو تي سڌو نشر ڪري سگهي ٿي. سندس تقرير هلندي اوچتو هڪ هنڌ نشريات بند ٿي وئي. بعد ۾ پتو پيو ته ان وقت مس جناح حڪومت تي ڪجهه تنقيدي جملا ڳالهائي رهي هئي. جيتوڻيڪ ريڊيو پاڪستان ان جو ڪارڻ بجلي هلي وڃڻ ڄاڻايو پر ماڻهو سمجهي ويا ته اهو ڄاڻي ٻجهي ڪيو ويو هو.