اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا وادي تيره ۾ فتنا الخوارج خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ڪامياب آپريشن تي صدر آصف علي زرداري کي فورسز کي خراج تحسين ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جرئت جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن کي جهنم ۾ اماڻيو آهي، صدر آپريشن ۾ شهيد جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، ملڪ جي امن امان تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، مادر وطن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، صدر پاران شهيدن جي درجات بلند، وارثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.