ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙ حڪمران

0
43
ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙ حڪمران

 اڄ ڪلھه ملڪ جي حالتن تي نظر ڪجي ته ھر پاسي تباھي، ڏڪار، بک، بدحالي بيروزگاري واري صورتحال  آهي. ھر پاسي قتل عام دھشتگردي ڦرلٽ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن مھانگائي جي ڳالهھ ڪجي ته ھميشه وانگر  تيز رفتاري سان وڌي رهي آهي، جنهن کي روڪڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھه ناهي. ملڪ اندر بدامني جي باهه اھڙي لڳل آھي جنھن کي وسائڻ ته پري جي ڳالھه آهي پر ڏينھون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن ڪيترن ئي ڳوٺن شھرن گھرن کي تباھه برباد ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ اندر انصاف ملڻ مشڪل پر ناممڪن بڻجي رهيو آهي،  دنيا اندر پاڪستان انصاف جي فھرست ۾ 128 نمبر تي وڃي پهتو آهي ملڪ جو ڪو اھڙو ھڪ به ادارو ناھي جيڪو صحيح طريقي سان عوام جي خدمت ان جي حقن لاءِ  ڪم ڪري رهيو ھجي. جيڪڏهن جمھوري توڙي آمريتي حڪومتن جي ڳالھه ڪجي ته انھن به ملڪ جي تباھي بربادي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي اهي به پنھنجي وس آهر ملڪ کي لٽڻ ڦرڻ تباھه ڪرڻ ۾ ھڪ ٻئي کان اڳڀرا رهيا آهن. سندن حڪومتي ڪارڪردگي سبب ملڪ تباھي ڪناري وڃي پھتو آھي جنهن  ڪري اڄ ملڪ اربين ڊالرن جو قرضي آهي. اهڙين حالتن ۾ ملڪ اندر ترقي نالي ڪا شيءَ ناهي. اڄ ڪلھهه ملڪي معيشت گھوٽالي جو شڪار بڻيل آهي جنھن سان ھر شيءَ جو بحران  ۽ روز مره جي شين جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي. غير ملڪي ناڻي ڊالر جي قيمت ۾ پڻ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستاني ڪرنسي ڏينھون ڏينهن ھيٺ وڃي رهي آهي جنهن جي ڪري ملڪ مٿان ڏينھون ڏينهن قرضن ۾ پڻ اربين ڊالرن جو واڌارو ٿي رهيو آهي جنهن جون ذميوار ملڪ مٿان جمھوري توڙي آمريتي حڪومتون آهن جن اقتدار ۾ ھوندي عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان عياشيون ڪيون. شاھي خرچ ڪيا ان سان گڏوگڏ ملڪ کي ٻنھي ھٿن سان لُٽي ڦُري ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجون ملڪيتون  ٺاھيون. ايئن کڻي چئجي ته وزيرن مشيرن ھميشھ پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ملڪي ادارن توڙي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي سندن شاھي خرچن ملڪ کي تباھ ڪري کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ جي چئني اسيمبلي ميمبرن، قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن، سينيٽرن يا وري وزيرن مشيرن جي پگھارن سرڪاري الائونس يا جيڪي سرڪاري سھولتون کين مليل آهن اُهي ٻاھر ملڪ جي ڪنھن بادشاھه جي بادشاھت کان گھٽ نه آهن سندن پگھارون الائونس رڪارڊ اضافي سان گڏ لکين روپيا کڻي رھيا آھن. پاڻي بجلي گيس سفري سھولتون پيٽرول ڊيزل سڀ سرڪاري طور تي کين مفت ۾ فراهم ڪيو ويندو آهي مطلب ته سندن زندگيءَ جو ھر خرچ غريب عوام جي ٽيڪس مان نڪرندو آھي. ايئن کڻي چئجي ته عوام جي ووٽن سان چونڊيل نمائندن جي ھڪ الڳ دنيا قائم ٿيل آهي جتي کين زندگيءَ جو سڀ سھولتون غريب عوام جي ٽيڪسن مان مفت فراهم ڪيون وينديون آهن ٻئي پاسي غريب عوام آهي جنهن جي ھڪ الڳ دنيا قائم ٿيل آھي جتي کين بنيادي سهولتن سان گڏ ڪا به سرڪاري سھولت مفت ۾ ناھي ڏني ويندي ڇو ته  غريبن جي دنيا اندر بک بدحالي بيروزگاري غربت موت سستو آهي انھن کي سرڪاري ڪا سھولت ناهي ڏني ويندي سڀ سھولتون صرف وڏن ماڻهن وزيرن مشيرن جي لاءِ مقرر ٿيل آهن باقي غريب عوام جي لاءِ صرف ڌڪا ٿاٻا موت سستو ٿيل آهي. ملڪ جي اھڙي تباھي بربادي جا ذميوار صرف حڪمران آهن جيڪي ملڪي ناڻي کي پنھنجو سمجھي عيش عشرت ڪري لٽي رهيا آهن يا وري ڪرپشن ڪري ملڪي ناڻي کي مني لانڊرنگ ذريعي ٻاھرين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن جنھن سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي. موجوده حالتن ۾ ملڪ اندر معاشي حالتون بدترين بڻجي ويون آهن ايئن کڻي چئجي ته ملڪ سؤ سال پوئتي ٿي چڪو آهي ملڪ جون اندروني توڙي بيروني حالتون خطري کان خالي نه آهن جنھن کي سنڀالڻ موجوده ڪنھن به سياسي پارٽي يا ليڊر جي وس ۾ نه آھي. ھميشھ عوام جي حقن جي ڳالھه ڪندڙ سياستدان امير کان امير ٿيندا پيا وڃن جڏھن ته غريب عوام غريب کان غريب ٿي رھيو آھي جنھن جا ذميوار پڻ ملڪ جي ڏاھن سياستدانن سان گڏ اھي حڪمران آهن جيڪي ھميشھ اقتدار جي عياشين ۾ مشغول رهيا آهن جن کي عوام سان يا ملڪي مسئلن سان دلچسپي گھٽ باقي پنھنجي شاھي خرچن يا اثاثن ۾ اضافي جي ڳڻتي وڌيڪ ھوندي آھي. جن جي غلط فيصلن  جي ڪري ملڪ خطرناڪ موڙ تي پھچي چڪو آهي پر حقيقت ۾ پنھنجي غلطين کي ڪير تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته ملڪ جي تباھي اسان ڪئي آهي. ھر حڪومت پنھنجي تباھي جي ذميوار گذريل حڪومت کي قرار ڏيندي رھندي آھي ھاڻي ته  ملڪ  معاشي طورکوکلو ٿي چڪو آهي. ھن ملڪ جي ھر اداري تي آءِ ايم ايف توڙي ٻين ملڪي ادارن جو قبضو ٿي چڪو آهي جنھن جي ڪري ھاڻ ھن ملڪ اندر سڄو نظام غير ملڪي آقائن جو ھلي رھيو آھي. ملڪ جا غريب ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن جيئن وليم شيڪسپيئر چيو ھو ته دنيا ھڪ وسيع اسٽيج آھي ۽ اسين سڀ انھي جا ننڍا ننڍا ڪردار آھيون. اھڙي طرح پاڪستان ملڪ ھڪ اسٽيج آھي سياستدان توڙي ملڪي حڪمران بيوروڪريسي ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ۽ نمايان ڪردار آھن. اهي ڪردار ھميشھ ملڪ کي ڦري لٽي پنھنجو وقت پورو ڪري دبئي لنڊن آمريڪا آسٽريليا فرار ٿي ويندا آھن انھن  سياستدانن حڪمرانن جي ملڪ سان توڙي غريب عوام جي مسئلن سان ڪا دلچسپي نه ھئي بس اھي ملڪي ناڻي جي ڦر لٽ ڪري ڀڄي ويا. ھتي غريب عوام لاءِ زندگي گذارڻ مشڪل کان مشڪل بڻجي رهي آهي جنهن جا ذميوار پڻ گذريل توڙي موجوده سياستدان حڪمران آهن جيڪي ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. جيڪڏهن چئني اسيمبلين، قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن، سينيٽرن،ججن، جنرلن کان سرڪاري سھولتون کسيون وڃن ته تڏهن به ملڪ اندر وڏي خوشحالي ۽ ترقي اچي سگھي ٿي.

جيڪڏهن ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن ججن جنرلن جو احتساب ڪيو وڃي تڏهن به ملڪ مٿان قرض لھي سگھي ٿو. پر افسوس ته ھن ملڪ اندر ملڪ جي مفادن يا غريب عوام جي حقن لاءِ  سوچڻ به ڏوھه سمجھيو ويندو آهي جيڪو ھن ملڪ جي ڀلائيءَ ۽ بھتري لاءِ ڪوششون ڪندو ان کي رستي تان هٽائي مارايو ويندو آهي، جيئن ڀٽو خاندان سان حشر ڪيو ويو. بس ھن خوشحال ملڪ جا نصيب اھڙا آھن جيڪو ڪڏهن به ترقي يافته بڻجي نٿو سگهي. ھميشھ تنزلي جي طرف سفر ڪندو رھندو ڇو ته ھن جا ماڻهو توڙي حڪمران پنھنجي ملڪ سان ڪڏھن به سچا نه رھيا آھن

[email protected]