ملڪ جو مايوس منظرنامو

0
91
ملڪ جو مايوس منظرنامو

 پنجاب اسيمبلي گورنر جي صحيح نھ ڪرڻ باوجود بھ ٽٽي وئي ۽ اھا ايئن ٽٽي، جيئن انگريز شاعر ٽي ايس ايليٽ پنھنجي جڳ مشھور نظم“کوکلا ماڻھو” (Hollow Men) ۾ لکيو ھو تھ:

This is the way the world ends
This is the way the world ends
This is the way the world ends
Not with a bang but a whimper

“ڪجھھ اھڙي انداز سان دنيا جو انت اچي ٿو

ڪجھھ اھڙي انداز سان دنيا جو انت اچي ٿو

ڪجھھ اھڙي انداز سان دنيا جو انت اچي ٿو

ڌڌڪار سان نھ پر ڪنجھڪار سان……..!!”

                 پنجاب اسيمبلي ڪجھھ ان انداز سان ٽٽي، آھستي آھستي. اھا اسيمبلي ٽٽندي ٽٽندي بچي ۽ بچندي بچندي ٽٽي وئي. پنجاب اسيمبلي ايئن وئي، جيئن پي ڊي ايم جي اندر جي ٿوڻي ھلي وڃي. ھو جيڪي پريس بريفنگس ۾ عمران خان جي اعلان تي کلي رھيا ھئا، اڄ انھن جي کل کوکلي ٿي وئي آھي. ھو جيڪي ھر حال ۾ آئين مطابق ھلڻ جي ھام ھڻي رھيا ھئا، اڄ ھو عمران خان جي مٿان اھو الزام ھڻي رھيا آھن تھ عمران خان اسيمبليون ٽوڙي پاڻ کي آمر ثابت ڪيو آھي. ھو عمران خان جي مٿان طرح طرح جا الزام ھڻي رھيا آھن. عمران خان انھن جي مٿان تھمتن جو مينھن وسائيندو رھيو آھي. ھو عمران خان کي فاشسٽ قرار ڏين ٿا. عمران خان انھن کي چور ۽ ڪرمنل ڪوٺي ٿو. ممڪن آھي تھ انھن ٻنھي جا ھڪ ٻئي مٿان لڳندڙ الزام درست ھجن ۽ انھن ٻنھي جي الزامن سان گھڻا ماڻھو متفق بھ آھن.

پاڪستان ھن مھل ٻٽي بحران جي ور چڙھي ويل ملڪ آھي. ھڪ تھ ملڪ جي مٿان معاشي بحران جا بادل برسي رھيا آھن ۽ ھاڻي وري سياسي بحران جون کنوڻيون بھ کجڻ شروع ٿي ويون آھن. ھن ماحول ۾ پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟ ھڪ حڪومت عالمي مالي ادارن کي منٿون ميڙون ڪري ۽ سفارشي فونون ڪرائي قرض جي قسط جاري ڪرائڻ جي موڊ ۾ مس آڻي ٿي تھ ٻي حڪومت وجود ۾ اچي ٿي وڃي. ھڪ حڪومت سان ماحولياتي مصيبت سبب پاڪستان جي مون سون ۾ پھتل نقصان سبب عالمي ڊونرز قرض نما امداد جا واعدا مس ڪيا تھ اھا حڪومت آئيني وقت اچڻ کان اڳ ۾ پوين پساھن ۾ ھلي وئي آھي. ڇو تھ مني ملڪ ۾ ڪجھھ مھينن لاءِ چونڊون ڪرائڻ جي عياشي دنيا جا امير ملڪ بھ افورڊ ڪري نھ ٿا سگھن.اھو ٽاسڪ ان مھل تمام گھڻو مشڪل بڻجي وڃي ٿو، جڏھن اھو خدشو بھ پنھنجي بندوق لوڊ ڪري بيٺل ھجي تھ جيڪڏھن عمران ان تلخ تجربي ۾ پھريان کان وڌيڪ سيٽون پنھنجي طرف سوري ويو تھ پوءِ ڇا ٿيندو؟

پاڪستان پھرين ڏينھن کان وٺي سياسي پيڙا ۾ رھندڙ ملڪ آھي پر ھر پيڙا جي حد ھوندي آھي. ھن وقت پاڪستان غلط سياست سبب پنھنجا معاشي سھارا وڃائي ويٺو آھي. ملڪ ۾ مھانگائي چوٽ چڙھي چڪي آھي ۽ اڃان بھ ان جي آخري حد نھ آئي آھي. اھڙي ماحول ۾ ڪنھن وٽ بھ ڪو حل نھ ھجي تھ ملڪ جو عوام ڪنھن طرف وڃي؟ ھن وقت ڪنھن بھ پارٽيءَ وٽ ملڪ کي معاشي بحران مان ٻاھر ڪڍڻ جو روڊميپ ناھي. جيڪڏھن پي ڊي ايم سرڪار وٽ ڪا راھه ناھي تھ عمران خان وٽ بھ ڪو اھڙو گس ناھي، جنھن سان ھن جي گورنمينٽ اچڻ شرط ملڪ ۾ سھانگائيءَ جا بگل وڄڻ لڳن. جيڪو ڪجھھ اڳ ۾ نھ ٿيو سگھيو، اھو ڪجھھ ھاڻي بھ نھ ٿيندو. ڇو تھ پاڪستان جي سلسلي ۾ ھر پارٽيءَ جي پاليسي ساڳي آھي. اھا پاليسي آھي، پنڻ واري! جڏھن تھ ڪو بھ پنڻ مان پنھنجا پٽ ڀري نھ ٿو سگھي. پنڻ مان پيٽ ڀرجي سگھي ٿو. ھڪ فرد جو يا ھڪ گھر جو! پر پنڻ سان ھڪ ملڪ ھلي نھ ٿو سگھي. پاڪستان جي معاشي صورتحال ھاڻي تھ ايتري شرمناڪ بڻجي وئي آھي جو شھباز شريف بھ اھو چوڻ تي مجبور ٿي پيو آھي تھ پاڪستان جي ھڪ ھٿ ۾ ايٽم بم آھي ۽ ٻي ھٿ ۾ ڪستو!

پاڪستان جي معاشي مصيبتن کي سياسي بحران تمام گھڻو وڌائي رھيو آھي. اھو سياسي بحران جيڪو ھن مھل بھ تمام گھڻو شديد آھي پر اھو ان وقت بھ ھو، جڏھن عمران خان جي حڪومت ھئي. عمران خان جي اھا بي اثر ۽ بي اختيار حڪومت! اھا حڪومت جنھن جي باري ۾ ھو ھاڻي پاڻ اعتراف ڪري رھيو آھي تھ “حڪومت نالي ۾ ھن جي ھئي پر ھن کي جنرل باجوا ھلائي رھيو ھو” ڇا عمران خان کي اھڙي شرمناڪ اعتراف کان پوءِ بھ سياست ڪرڻ جو اصولي حق ھجڻ گھرجي؟ پر پاڪستان جي سياست ۾ عوامي احتساب جو عنصر موجود ناھي. ان ڪري جنھن کي ڪجھھ بھ سمجھھ ۾ اچي تھ ھو چئي سگھي ٿو ۽ ڪنھن کي ڪجھھ بھ چوڻ تي ڪا سزا ملي نھ ٿي سگھي. ڇو تھ ھتي ڪجھھ ڪرڻ تي بھ ڪا سزا ڪونھي تھ پوءِ ڪجھھ چوڻ تي ڪنھن کي ڪھڙي سزا ملي سگھي ٿي؟

پاڪستان ۾ سياست ملڪ ھلائڻ جو مڪينزم بڻجي نھ سگھي آھي. پاڪستان ۾ سياست ھڪ راند وانگر رھندي آئي آھي. پاڪستان کي ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي تھ ھن کي پنھنجي “قومي راند ھاڪي” بدران“سياست” قرار ڏيڻ گھرجي. ڇو تھ پاڪستان جا ھاڪي پليئر ايترا سرگرم ۽ ايترا تيز ناھن، جيترا بيماريون ھوندي بھ پاڪستان جا سياستدان اقتداري راند ۾ تيز چالون چلڻ جا رڪارڊ قائم ڪن ٿا. جنھن ملڪ ۾ چوڌري شجاعت رٽائرڊ ٿيڻ کان انڪاري ھجي تھ ان ملڪ ۾ آصف زرداري ھڪ ڀيرو ٻيھر صدر مملڪت ٿيڻ ۽ پنھنجي پٽ کي وزير اعظم بڻائڻ جا خواب ڇو نھ ڏسي؟

پاڪستان جي سياسي سپنن جي سرڪس جو مرڪز ھاڻي ملڪ جو ٻيو شھر نھ پر اھو لاھور بڻجي ويو آھي، جنھن جي تخت سان اقتداري بخت جو سڌو سنئون رشتو جڙي ويو آھي. ھڪ دور اھڙو بھ ھو، جڏھن ملڪي سياست جي قسمت جو فيصلو ڪراچيءَ جي ھٿ ۾ ھوندو ھو پر ھاڻي ڪراچيءَ کي لاھور سياسي طور تي پوئتي ڇڏي چڪو آھي. ڇو تھ ميانواليءَ کان اچي لاھور کي پنھنجو ڪرڻ وارو ڪپتان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي سياسي سگھھ جا ايترا خيما کوڙي چڪو آھي جو متحده جا ڌار ڌار ڌڙا ملي بھ ھن جو مقابلو ڪري نھ ٿا سگھن. خاص طور تي ان صورت ۾ جڏھن ايم ڪي ايم جا باغي ٻار پنھنجي اصل ابي جي آشيرواد کان محروم ھجن.

ايم ڪيو ايم پاران بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيتري ڏکندڙ دل سان ڪيو ويو آھي؟ ان جو تجربو ايم ڪيو ايم کي اڳ بھ رھيو آھي. اڳ ۾ تھ ايم ڪيو ايم اھڙي نھ ھئي، جھڙي ھاڻي آھي. ھن وقت ايم ڪيو ايم جو حال اھڙو آھي، جھڙو ان تباھه حال خاندان جو ھوندو آھي، جنھن کي پنھنجي عزت ۽ پنھنجي طاقت ثابت ڪرڻ لاءِ ماضيءَ جي جھروڪن ۾ جھاتي پائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي. ھن مھل ايم ڪيو ايم جو اھو حال آھي، جھڙو حال شيخ اياز پنھنجي مخصوص ٻوليءَ ۾ سامراج جو پيش ڪندي لکيو ھو تھ:

“ڪالھھ سامراج عقاب ھو،

اڄ بگلو آھي

ڪالھھ فاشي سپاھي ھو

اڄ جمھوريت جو فلسفي آھي”

ايم ڪيو ايم جيڪا اڄ بھ اھي لفظ پنھنجن چپن تي آڻي تھ اسان ٿورا شريف ڇا ٿياسين، پورو شھر بدمعاش بڻجي ويو! پر شريف ٿي پڇتائڻ واري ڌر کي پنھنجي دل ڌوئي دکيءَ ۾ رکڻ گھرجي. ھن کي سمجھڻ گھرجي تھ اھا شريف ٿي ناھي پر شريف بڻائي وئي آھي. ڇو تھ ان کي بدمعاش بڻائڻ وارن جڏھن انھن مان ھوا ڪڍڻ شروع ڪئي تھ “ڀائي لوگ” پنھنجي اصليت تي اچي ويا ۽ ھو شرافت جي سياست جون فضيلتون بيان ڪرڻ لڳا.

ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ بلدياتي چونڊون عام چونڊن کان وڌيڪ چھچٽي ڀريون ھونديون آھن. پر 15ھين جنوريءَ جي ڇونڊ ايئن ھئي، جيئن ھڪ رن زال کي زوريءَ پرڻايو وڃي. اھا ڪنوار جنھن پنھنجا ڪپڙا بھ نھ مٽايا ھجن. جنھن چوڙيون بھ نھ پاتيون ھجن. جنھن ھار سينگار بھ نھ ڪيو ھجي. جنھن ميندي بھ نه لاٿي ھجي. ھن جي مٿان صرف ھڪ چلڪڻو رئو وجھي ھن کي ڪنوار بڻايو ويو ھجي ۽ ھن جي ڀر ۾ ھن جا يتيم ٻار روئيندا رڙندا ھجن.

ڪراچيءَ جي بلدياتي چونڊ جو اھو منظر نامو صرف پيپلز پارٽيءَ پاران ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي حلقا نھ ٺاھڻ سبب پيدا ٿيل ناھي. ڇو تھ ايم ڪيو ايم صرف ڪراچيءَ ۾ بائيڪاٽ نھ ڪيو آھي. ايم ڪيو ايم سموري سنڌ ۾ بائيڪاٽ ڪيو آھي ۽ ان ڪري بائيڪاٽ ڪيو آھي جو ھن کي پنھنجي ھار اکين سان ڏسڻ ۾ پئي آئي. ايم ڪيو ايم جا ڌڙا پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ جي باوجود بھ جڏھن جيت جي طرف وڌي نھ ٿي سگھيا تھ انھن وٽ ھٿ مٿي کڻڻ کان سواءِ ٻي ڪا راھھ نھ رھي.

ايم ڪيو ايم جو بائيڪاٽ جي حوالي سان اھو ئي حال آھي، جيڪو ھن سنڌي سٽ ۾ بيان ٿيل آھي تھ:

“ويون ھن واھون تھ ڦري ٿياسين فقير”

ايم ڪيو ايم لاءِ ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف ۽ خاص طور تي جماعت اسلاميءَ سان مقابلو ڪنھن بھ طرح آسان نھ ھو ۽ اھو فيصلو ان مھل مشڪل نھ پر ناممڪن بڻجي ويو، جڏھن ايم ڪيو ايم جي اصل بانيءَ لنڊن مان ويھي اردو ڳالھائيندڙ آباديءَ کي بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

ايم ڪيو ايم اھا سچائي ڪڏھن بھ لڪائي ڇپائي يا فراموش ڪري ۽ ڪرائي نھ ٿي سگھجي تھ ايم ڪيو ايم اڄ بھ پنھنجي بانيءَ جي ھٿ جي باندي آھي. ڇا عمران خان کان سواءِ “تحريڪ انصاف” جو تصور بھ ممڪن آھي؟ ساڳي طرح سان ايم ڪيو ايم جي علامت ڪالھھ بھ اھو شخص ھو ۽ اڄ بھ اھو شخص آھي، جنھن جي مخالفت جي مزاحمت ڪرڻ جي طاقت انھن سڀني ۾ ناھي، جيڪي ڪراچيءَ جي قيادت ڪرڻ لاءِ ڪٺا ٿيا ۽ انھن کي محسوس ٿيو تھ اھو ڪو تاريخي اتحاد نھ پر ھڪ تماشو بڻجي ويو آھي.

پاڪستان ۾ سياسي بحران ساوڻ جي مينھن سما وسي رھيو آھي ۽ ان مينھن ۾ ھر طرف ڪجھھ نھ ڪجھھ ٽٽڻ جا ٽڙڪا ٻڌجي رھيا آھن. اھو مينھن ڪيستائين جاري رھندو؟ ان سلسلي ۾ ڪجھھ چوڻ مشڪل ناھي. باقي مسلسل وسندڙ بحراني مينھن سبب ماحول مٿان مڪمل مايوسي ڇانيل آھي.