سجاول (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سجاول ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ جون حالتون انتھائي ڳنڀير  ۽ ذميوار پ پ آھي، ھن چيو ته ملڪ خطري ۾ آھي، مولانا فضل الرحمان سان گڏ بيٺا آھيون،  اسان کي پي ٽي آئي باني طرفان مولانا فضل الرحمان سان انگيج رھڻ ۽ مشاورت جي ھدايت ڪئي وئي آھي، ھن چيو ته ڪجھ ماڻھو ملڪ کي خوني انقلاب طرف ڌڪڻ چاهين ٿا، اھي انقلاب وڏا خطرناڪ ھوندا آھن .