اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاور ڊويزن خساري ۾ هلندڙ بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي نجڪاري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو، ڄامشورو بجلي گهر خريدڻ لاءِ هڪ ٻولي اچي وئي، مظفر ڳڙهه ۽ فيصل آباد پلانٽن کي خريدار نه مليا، گڊو جي نجڪاري 30 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. ڪالهه سي پي جي سي ايل، پي سي ايل ۽ اين پي جي سي ايل جي نجڪاري لاءِ واڪ ميڊيا جي سامهون کوليا ويا. گڊو پاور پلانٽس جي ٻولي کولڻ جي تاريخ کي 30 مئي تائين ملتوي ڪيو ويو. 29 بجلي گهرن جي نيلامي ڪئي ويندي جن مان 4 هزار 74 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي جنهن جي قيمت 40 ارب 66 ڪروڙ 10 لک رپيا آهي. جن ۾ ڄامشورو، گڊو، مظفر ڳڙهه، ڪوئيٽا ۽ فيصل آباد جا بجلي گهر، بلاڪ ۽ يونٽ شامل آهن. ڄامشورو جي جي پي سي ايل لاءِ رڳو هڪ ڪمپني ميسرز صديق سنز ڪراچي واڪ ڏنو مظفرڳڙهه ۽ فيصل آباد لاءِ ڪو به واڪ نه آيو.