ملڪ تي “سياسي تجربا” نه ٿيڻ گُھرجن!

0
20
ملڪ تي “سياسي تجربا” نه ٿيڻ گُھرجن!

 آزاديءَ کان وٺي هيستائين ھن ملڪ ۾ اھو فيصلو نه ٿي سگھيو آھي ته حق حڪمراني جو حق سويلين کي آھي يا نان سويلين کي. ھنن ٻن طبقن ۾ ھميشه اقتدار حاصل ڪرڻ جي رسا ڪشي رھي آھي ۽ ان سبب جي ڪري ھن ملڪ ۾ ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو ته ڊڪٽيٽرشپ رھي آھي ۽ باقي عرصي ۾ جمهوريت تي به انھن غير جمهوري طاقتن جو اثر رھيو آھي. جيستائين بنگلاديش ھن ملڪ جو حصو ھو انجي اڪثريت کي ڪڏھن به تسليم نه ڪيو ويو، ون يونٽ لڳائي ايسٽ پاڪستان جي ھڪ ھٽي قائم ڪئي وئي. ايتري قدر جو بنگلاديش کي نه فوج ۾ حصو مليو نه سول بيروڪريسي ۾. تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آھي بنگالين کي شڪايت ھئي ته پٽ سن جي سرمائي مان لاھور ۽ اسلام آباد جي ترقي ڪئي ويندي ھئي. ايسٽ پاڪستان ۽ ويسٽ پاڪستان جي جڳھڙي جي نتيجي ۾ بنگالي پاڪستان کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ 1970 جي اليڪشن ۾ عوامي ليگ ايسٽ پاڪستان سوئپ ڪري وئي مگر ان جي باوجود شيخ مجيب کي اقتدار نه ڏنو ويو ۽ 1971 ۾ ملڪ ٽُٽي ويو. ذولفقار علي ڀٽو کي حڪومت ڏني وئي مگر ان جي خلاف پڻ سازشون شروع ٿي ويون. ڀٽو صاحب ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ تاريخي ڪم ڪيا. زرعي ريفارم ڪري ملڪ ۾ فيوڊل سسٽم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڀٽو صاحب تي اھو به الزام لڳو ته ان ملڪ جا ادارا نيشنلائيز ڪري ملڪ کي نقصان پھچايو مگر ملڪ جي اقصادي ماھر قيصر بنگالي چوي ٿو ڀٽو صاحب اگر ادارا نيشنلائيز نه ڪري ھا ته ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ھا سو ڊاڪٽر قيصر بنگالي ڀٽو صاحب جي نيشنلائيز ڪرن واري پاليسي جو زبردست دفاع ڪري ٿو. مگر ھڪ اھڙي وزنري ليڊر کي پڻ برداشت نه ڪيو ويو ۽ انکي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاھي تي چاڙھيو ويو. ان کانپوءِ  ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق  10 سال ملڪ تي مسلط رھيو. ضياءَ الحق جي دور ۾ ملڪ ۾ تجربن جي شروعات ٿي. جنرل ضياءَ الحق ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ھيروئن جو واپار ملڪ ۾ شروع ڪيو ۽ ملڪ کي اتنھاپسندي طرف ڌڪي ڇڏيو، جنھن جو نقصان ملڪ کي اڄ به ٿي رھيو آھي. اڄ ملڪ ۾ انتھاپسندي عروج تي آھي جنھن جي شروعات جنرل ضياءَ لحق ڪئي. ھن افغانستان ۾ روس جي خلاف ويڙھ جي شروعات ڪئي ۽ ٽي لک افغانين کي پاڪستان آندو ۽ اُھي افغاني اڄ به پاڪستان سان وڙھي رھيا آھن. پنھنجي خسيس مفاد جي ڪري ملڪ کي ھڪ وڏي ويڙھ ۾ ڇڏي ويو. جنرل ضياءَ لحق ملڪ ۾ سياسي پارٽيون ٺاھڻ جي شروعات ڪئي. ان سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جو بنياد وڌو، ڪروڙين رپيا الطاف حسين کي ڏيئي سنڌ جي شھرن ۾ ويڙھ جي شروعات ڪئي ۽ تاريخ جا  انگ اکر ٻڌائين ٿا ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ھزارين شھرين جو قتل ڪرايو. ان جي نتيجي ۾ عام مھاجرن جو پڻ قتل ٿيو مگر ھن ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي شھرن ۾ اختيار ڏيئي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ٻين سنڌ جي سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪيو. الطاف حسين اڄ به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ خلاف وڙھي رھيو آھي، ان جا روزانو فوج ۽ ايجنسين جي خلاف بيان اچن ٿا. ھاڻي الطاف حسين اھو به تسليم ڪري ٿو اسان کان خونريزي ڪرائي وئي ھئي ۽ اسان کي استعمال ڪيو ويو. بھرحال ضياءَ ته جھاز حادثي ۾ مري ويو مگر ان جي باقيات ھن وقت به ڪنھن نه ڪنھن طرح ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪري رھي ۽ مسلسل سياسي تجربا ڪري رھي آھي.

ضياءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٿورو وقت ملڪ ۾ جمهوريت ته آئي مگر ان کي نه ھلڻ ڏنو ويو. بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي پر ان کي تسليم نه ڪيو ويو، آئي جي آئي ٺاھي  بينظير ڀٽو کي لاھي نوازشريف کي آندو ويو. مگر نواز شريف به نه ھلي سگھيو ۽ بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف جي حڪومتن کي ختم ڪري ھڪ دفعو وري جنرل پرويز مشرف ملڪ تي ڊڪٽيٽرشپ مسلط ڪري ڇڏي. ان ڊڪٽيٽرشپ کي ختم ڪرڻ لاءِ پي پي ۽ ٻين سياسي تنظيمن جھدوجھد شروع ڪئي ۽ جڏھن پرويز مشرف ڪمزور ٿيو ته بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو، ملڪ 50 سال پوئتي ھليو ويو. بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ پي پي پي جي حڪومت آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو مگر  ملڪ ۾ سياسي بحران ختم نه ٿيو. پي پي پي جي حڪومت ۾ ئي عمران خان تي سڙپ جي شروعات ٿي وئي ۽ عمران خان پروجڪٽ تي ڪم شروع ٿي ويو مگر عمران خان کي 2013 جي اليڪشن ۾ ايتريون سيٽون نه ملي سگھيون جو حڪومت ٺاھي سگھي. نوازشريف ٽئين دفعا وزيراعظم ٿيو پر  انجي خلاف سازشون شروع ٿي ويون. نيٺ پناما جي بھاني  اقاما جي ڪيس ۾ لاھي ڇڏيائونس ۽ ادارن ھن دفعي عمران خان کي آڻڻ لاءِ جوڳا بندوبست ڪيا ھئا. ملڪ جا ڏاھا اديب ھر وقت نيشنل ٽي وي تي ويھي عمران خان کي ملڪ لاءِ مسيحا چوڻ لڳا ۽ ملڪ جي ٽي وي چينلن تي ھر وقت عمران خان نظر اچڻ لڳو ۽ ايتري قدر جو ملڪ جي اعلي ڪورٽ عمران خان کي صادق ۽ امين جو لقب ڏنو مگر انجي باوجود 2018 جي اليڪشن ۾ عمران خان سادي اڪثريت حاصل نه ڪري سگھيو مگر ان جي اتحادين ۽ آزاد ميمبرن جي مدد سان عمران خان کي وزيراعظم ڪيو ويو، مگر عمران خان وارو تجربو به بري طرح ناڪام ويو.ادارن ۽ عمران خان جو ٽڪرائو ٿي ويو ۽ عمران خان کي لاٿو ويو جيڪا منھنجي نظر ۾ اسٽيبلشمينٽ جي وڏي غلطي ھئي ڇو ته عمران خان جي لھڻ کان پوءِ عمران خان ھڪ دفعو وري ملڪ ۾ ھيرو ٿي، پي ڊي ايم حڪومت به ناڪام وئي. ان کان پوءِ 2024 جي اليڪشن ۾ عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سوئپ ڪري ويو مگر فارم 47 جي بنياد تي حڪومت نوازليگ کي ڏني وئي. اڄ شھباز شريف ملڪ جو وزيراعظم ته آھي مگر ان جي مينڊيٽ تي وڏا سوال آھن ۽ ملڪ ۾ سياسي استحڪام ناھي. ايتري قدر جو ملڪ ۾ ڪجھ معاشي اشارا پڻ ڀلا اچڻ شروع ٿيا آھن مگر ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال آھي. پي ٽي آئي مسلسل جھدو جھد ڪري رھي آھي مگر ان جي جھدوجھد کي ڏنڊي جي زور سان بي اثر ڪيو پيو وڃي.

اھا ڳالھ ثابت ٿي چڪي آھي ملڪ ۾ جيڪي به سياسي تجربا ڪيا ويا آھن، اُھي سڀ جا سڀ بُري طرح ناڪام ويا آھن پر انجي باوجود اھا ڳالھ سمجھ نٿي اچي جيستائين ملڪ ۾ سياسي پارٽين کي آزاد نه ڪيو ويو ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو. ھن وقت ملڪ ۾ نه سياسي استحڪام آھي ۽ نه وري امن آھي، سرحدن تي نوجوان روزانو شھيد ٿي رھيا آھن، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ڪجھ ضلعن ۾ شام جو ماڻھو ٻاھر نٿا نڪري سگھن.

اھا ھاڻي وقت جي تقاضا آھي ته ملڪ ۾ سياسي تجربا بند ٿيڻ .  ملڪ جي معشيت ۽ لا اينڊ آرڊر کي بھتر ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام اچي سگھي.