ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي چيف ڪوآرڊينيٽر ۽ فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر پير صدرالدين شاهه راشدي چيو آهي ته جي ڊي اي وفاقي ۽ سنڌ بجيٽ کي غريب ماڻهن لاءِ موت جو پروانو سمجهي ٿو. ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، سيد زين شاهه ۽ سردار عبدالرحيم سان ملاقات دوران هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ هوشربا واڌ سان غريبن جي زندگي عذاب بڻجي ويندي. هن چيو ته پ پ سنڌ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، صوبو هن وقت کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، تعليم، صحت سميت سڀ ادارا تباهه ٿي ويا آهن. سنڌ جو عوام پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي، جي ڊي اي انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن ٻڌايو ته جلد پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ جي ڊي اي جي ڪور ڪاميٽي جو اهم اجلاس سڏايو ويندو. هن چيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل جعلي حڪمرانن 47 فارم تي ويهي پنهنجي ڪرپشن جو بار بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان وڌو آهي. هن چيو ته پاڪستان وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، تنهنڪري حڪومتون ايماندار ماڻهن حوالي ڪرڻيون پونديون، ملڪ کي انصاف ۽ ايمانداريءَ جي بنياد تي هلائڻو پوندو.