اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مختلف سوالن جا جواب لکت ۾ پيش ڪيا ويا، بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف لکت ۾ جواب پيش ڪندي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته ملڪ اندر 10 ائيرپورٽ غير فعال ۽ بند آھن جن ۾ سيوهڻ ، خضدار، مظفر آباد، راولاڪوٽ، بنون، پارا چنارا، جيوڻي، اورماڙا، سبي، ڊيرا اسماعيل خان شامل آھن، انهن ايئرپورٽن تي مقرر 67 ملازمن جي پگهارن تي 1 ڪروڙ 25 لک 42 هزار 176 رپيا خرچ ٿين ٿا، سيوهڻ ايئرپورٽ تي ڪل چار ملازم مقرر آھن جن جي پگهارن تي 5 لک 87 هزار 88 رپيا خرچ ٿئي ٿو. جڏهن ته سمنڊ پارپاڪسانين جي وزارت لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ قومي اسيملي کي ٻڌايو آھي ته جنوري 2022 کان مارچ 2025 تائين پاڪستان مان 25 لک 87 هزار 192 شهري ٻين ملڪن ڏي روزگار لاءِ ويا آھن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ سعودي عرب 15 لک 15 هزار ، يو اي اي 4 لک 31 هزار 262، عمان 2 لک 32 هزار 338، قطر 1 لک 66 هزار 923، بحرين 61 هزار 366، برطانيه 34هزار 531، عراق 14 هزار 126، چين 4950، آمريڪا 3146 پاڪستاني ويا. پرڏيهي ملڪن ڏي ويل پاڪستانين ۾ هلندڙ سال اپريل تائين 1 لک 72 هزار 446، سال 2024 ۾ 7 لک 25 هزار 613، سال 2023 ۾ 8 لک 59 هزار 762، سال 2022 ۾ 8 لک 29 هزار 371 پاڪستاني پرڏيھه ويا.گهرو وزير محسن نقوي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ته ايران ۽ يورپ ۾ غيرقانوني داخلا جي ڪوشش ڪندڙ 50 ماڻهن جا پاسپورٽ بليڪ لسٽ ڪيا ويا آهن. آن لائين فراڊ متعلق گهرو وزير لکت ۾ جواب ۾ ٻڌايو ته سال 2024 ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ 13 هزار 722 انڪوائريون رجسٽرڊ ڪيون. آن لائين فراڊ ۾ ملوث ماڻهن خلاف 832 ڪيس داخل ڪيا ويا. هڪ هزار 212 ماڻهو گرفتار ۽ 17 ڪيسن جا حتمي فيصلا ڪيا ويا.