اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي وفاقي  وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ملڪ اندر بجلي ۽ گيس چوري جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي . گهرو وزير جي ھدايت تي بجلي ۽ گيس چوري خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون  ويون آھن جڏهن ته گھرو وزير ايف آءِ اي کي ان حوالي سان خصوصي ٽاسڪ به ڏئي ڇڏيو آھي. گهرو وزير محسن نقوي بجلي ۽ گيس چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ايف آءِ اي اختيارين وفاقي گھرو وزير کي يونان ٻيڙي حادثي متعلق تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. جنھن تي محسن نقوي چيو ته ٻيڙي حادثي ۾ ملوث سمورن عناصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي. انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته حوالا ھنڊي ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي سان پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ بھتري آئي آھي. محسن نقوي ايف آءِ اي کي حوالا ھنڊي ۾ ملوث ماڻھن جو گھيرو تنگ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.