ملڪي منظرنامي جي اڀرندڙ تصوير

0
156
ملڪي منظرنامي جي اڀرندڙ تصوير

پنجاب ٻيهر اتحادي پارٽين کان کسجي چڪو آهي. ق ليگ جو چوڌري پرويزالاهي وزيراعليٰ ۽ پي ٽي آئي جو سبطين خان اسپيڪر چونڊجي چڪا آهن. ڪي پي  ۾ پهريان ئي پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي. ايئن شهباز شريف جي حڪومت اسلام آباد تائين محدود ٿي چڪي آهي مخالف اهو چئي رهيا آهن ته شهباز شريف هاڻي وزيراعظم نه پر سي ڊي اي جو چيئرمين آهي. کيس راولپنڊي يا نٿياگلي پهچڻ لاءِ به پي ٽي آئي جي صوبائي حڪومتن جي ڪاڻ ڪڍڻي پوندي. شهباز شريف کي پنهنجي گهر لاهور پهچڻ تي وزيراعليٰ پاران پروٽوڪول ملڻ جو امڪان ناهي. ايئن 1988ع واري صورتحال ورجائي ويندي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم طور جڏهن لاهور پهچندي هئي تڏهن پنجاب جو تڏهوڪو وزيراعليٰ ميان نواز شريف سندس هوائي اڏي تي استقبال لاءِ نه پهچندو هو ۽ کيس سرڪاري پروٽوڪول کان محروم ڪيوويندو هو.

 تاريخ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو پاڻ کي ڪورٽ سڳوري ۾ به ورجائي رهي آهي جتي سپريم ڪورٽ جي سينئر ججن جا اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن ۽ ڪورٽ سڳوري خود عوام جي ڪٽهڙي ۾ آهي. 1997ع ۾ سپريم ڪورٽ اندر اختلافن سبب پهريائين نواز ليگ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرايو هو جنهن۾ چيف جسٽس سيد سجادعلي شاھه عدالتي ڪرسي ڇڏي پاڻ کي بچائڻ لاءِ چيمبر ۾ هليو ويو هو. بعد ۾ هڪ منظم منصوبي سان جسٽس سعيدالزمان صديقي جي قيادت ۾ ڏھه رڪني بينچ سيد سجاد علي شاھه کي هٽائي جسٽس اجمل ميان کي قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو هو. سيد سڳورو پنهنجي ئي بحالي لاءِ ڪورٽ سڳوري ۾ جنهن جو ڪڏهن هو چيف جسٽس رهيو هو، پاڪستاني آئين لکندڙ عبدالحفيظ پيرزادي جي وڪالت سان آخر تائين مقدمو وڙهندو رهيو پر کيس سپريم ڪورٽ بحال نه ڪيو. ان آپريشن ۾ جسٽس سعيد الزمان صديقي جي سهڪار سبب بعد ۾ نواز ليگ کيس صدارتي اميدوار به بنايو هو پر هو کٽي نه سگهيو هو.

سندس زندگي جي آخري ڏينهن ۾ بيماري باوجود کيس نواز شريف جي گذريل دور حڪومت دوران مڃتا طور نومبر 2016ع ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيوويو هو جتي ٻن مهينن بعد هو سائوٿ سٽي اسپتال ۾ 78 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.انهن ٻن مان هڪ مهينو هو اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو. ٻن مهينن بعد سيد سجاد علي شاھه به موڪلائي ويو. ان جوڊيشيل ڪو دوران نواز شريف سان اختلافن سبب تڏهوڪي صدرفاروق لغاري استعيفا ڏئي ڇڏي هئي جنهن جي جڳھه تي رٽائر جج رفيق تارڙ صدر چونڊايو ويو هو ڇو ته سپريم ڪورٽ اندر ڪامياب ڪو ۾ سندس وڏو ڪردار هو. سيد سجادعلي شاھه کي محترمه بينظير ڀٽو چيف جسٽس مقرر ڪيو هو حالانڪه هو سينئر موسٽ جج نه هو پر ڇو ته 1993ع ۾ نواز شريف جي بحالي جو فيصلو ڏيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ سان اختلاف ڪندڙ هو واحد جج هو ان ڪري ئي محترمه پاران کيس چيف جسٽس مقرر ڪيوويو هو پر خود محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جڏهن سندس ئي پارٽي جي صدر فاروق لغاري بدنام زمانه 58 ٽو بي تحت ختم ڪئي هئي تڏهن ان حڪم خلاف محترمه جي اپيل سندس ئي مقرر ڪيل چيف جسٽس سيد سجاد علي شاھه جي قيادت ۾ بينچ اهو چئي رد ڪري ڇڏي هئي ته صدر لغاري جا لڳايل ڪرپشن، اقرباپروري جا الزام صحيح آهن. ايئن هن ٻئي دفعا 58 ٽو بي جي حمايت ڪئي. بعد۾ محترمه شڪوه ڪندي رهندي هئي ته سندس پسنديده سنڌي سادات ۽ سرائڪي صدر ساڻس وفا نه ڪئي.

هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ اختلاف پنجن نون ججن جي مقرري تي آهن جن جون اڃان جڳهون خالي نه ٿيون آهن. مخالف وڪيل چون ٿا ته جونيئرن کي اڳتي آڻي تعبيداري کي فروغ ڏنوويندو. انڪري ڪجھه ججن جو خيال آهي ته تڪڙ نه ڪئي وڃي ۽ سينئر ججن جي رٽائر ٿيڻ سان جڳهون خالي ٿيڻ بعد اهي ڀريون وڃن. ٻيو اختلاف اهو آهي ته سينئر ججن کي اوليت ڏني وڃي جن۾ سنڌ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ به شامل آهي جنهن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪري ان جي جڳھه تي جسٽس ثاقب نثار جي زماني ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جونيئر جج کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو هو ڇو ته جسٽس شيخ جيڪو دعويٰ ڪندوآهي ته کيس لاڙڪاڻي واپس ورڻو آهي ۽ شهر جي ابوبڪر قبرستان ۾ دفن ٿيڻو آهي، هڪ سال لاءِ سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور مقرري کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي بابت به اختلاف سامهون اچي چڪا آهن. سپريم ڪورٽ جي پي آر او بيان جاري ڪري چيو ته نامزد ميمبرن بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪرڻ جي مقصد سان ڪائونسل جي گڏجاڻي ملتوي ڪئي وئي آهي.

پر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود الڳ الڳ بيان جاري ڪري چيو آهي ته چيف جسٽس پنجن ججن جي نامزدگي پيش ڪئي جيڪا 4 جي مقابلي ۾ 5 ووٽن سان رد ڪئي وئي. چيف جسٽس جي حمايت ۾ رٽائر ٿيندڙ جسٽس سجاد علي شاھه، جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال عثماني ڪئي جڏهن ته مخالفت ۾ خط لکندڙ انهن ٻن ججن کان سواءِ اٽارني جنرل، وزير قانون ۽ بار ڪائونسل جي نمائندي مخالفت ڪئي. جنهن تي چيف جسٽس بنا ڪجھه چوڻ جي گڏجاڻي مان اٿي هليوويو. بعد ۾ چيف جسٽس پنهنجا اختياراستعمال ڪندي قائدن کي پاسيرو رکي جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي جي تقريبن ٽن ڪلاڪن جي آڊيو کي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو.جنهن سان معاملو وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي. رڪارڊنگ مان خبرپوي ٿي ته سنڌ جي ٻن ججن جسٽس رضوي ۽ جسٽس شفيع جي ڪائونسل جي ميمبر جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال عثماني حمايت جڏهن ته جسٽس ڦلپوٽو جي هن مخالفت ڪئي. اٽارني جنرل گڏجاڻي ملتوي ڪرڻ سان گڏوگڏ اها تجويز به ڏني ته پروموشن لاءِ سينارٽي، اهليت، ايمانداري ۽ ورتاءَ سان گڏوگڏ اهو به ڏٺووڃي ته سندن فيصلن کي مٿاهين ڪورٽ ۾ برقرار رکيو ويو آهي يا رد ڪيوويو آهي.

آڊيو ۾ جسٽس قاضي فائز عيسي جا اهي خيال به ٻڌي سگهجن ٿا ته جڏهن هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ويهڻ جي اهليت رکن ٿا ته پوءِ هو سپريم ڪورٽ جا جج ٿيڻ جي لائق ڇو ناهن!؟ ڪي وڪيل عدليه جي هن بحران کي جيڪو آرٽيڪل 63-A جي متضاد وضاحتن کان شروع ٿيو آهي، 1997ع جي بحران سان ڀيٽي رهيا آهن. ڏسجي ته هن راند ۾ڪير شهيد ۽ ڪير غازي بنجي ٿو. ماضي ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري کي لاهڻ ۽ وڪيلن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ بحالي بعد کيس به چونڊيل حڪومتن خلاف استعمال ڪيو ويو هو. تازو بلاول ڀٽي به اهو چيو ته آهي 58 ٽو بي کي 18هين ترميم وسيلي ختم ڪرڻ بعد سپريم ڪورٽ کان اڻسڌي طرح اهي اختيار استعمال ڪرائي ٽن وزيراعظمن کي گهر اماڻيو ويو. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف خلاف اٺن سالن کان اينگهيل پرڏيهي فنڊن جي معاملي تي عالمي اخبارن ۾ مني لانڊرنگ جون ڪلاسيل حقيقتون ڇپجڻ بعد اتحادي اڳواڻ ڪميشن تي دٻاءَ وجهي رهيا آهن ته جون ۾ محفوظ ڪيل فيصلو هاڻي پڌرو ڪيو وڃي. ڪي حلقا چون ٿا ته اهو فيصلو لکجڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ 14 آگسٽ جي اسلام آباد ۾ پيريڊ بعد اهو پڌرو ڪيو ويندو. ان فيصلي سان اها خبر پئجي ويندي ته مريم نواز پاران عمران خان کي “لاڏلو” سڏڻ جو خطاب درست آهي يا فقط پروپئيگنڊا!

آءِ ايم ايف جي بورڊ جو اجلاس 24 آگسٽ تي ٿي رهيو آهي جنهن۾ پاڪستان کي 1.17 ارب ڊالر قرض جي قسط جو فيصلو ڪيو ويندو. ان کان اڳ سياسي ۽ معاشي غيريقيني سبب رپيو ڊالر جي مقابلي ۾ گهٽجي 250 تي ۽ مهانگائي سال ۾ 40 سيڪڙو جي ويجهو پهچي چڪي آهي. خطرناڪ برساتن سبب بلوچستان ۾ سوين ماڻهو ۽ سندن جانور مري ۽ صوبو ملڪ کان ڪٽجي چڪو آهي. ڪا امدادي سرگرمي نظر نه پئي اچي. ان وچ ۾ فوجي سربراھه جي آميريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين کي آءِ ايم ايف تي دٻاءَ لاءِ فون جنهن جي واپاري چئمبرن جي سربراهن حمايت ۾ بيان به جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻن ڳالهين جي نشاندهي ڪري ٿي. هڪ ته ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هن وقت تائين ڪيل ڪوششن تي پاڻي ڦيري ان جو ڪريڊٽ کنيووڃي ۽ ٻيو ته ٿي سگهي ٿو ته قرض ڏيڻ کان پهريائين ڪن معاملن تي سندس خاطري گهري وئي هجي. عمران خان ان کي ملڪ جي ڪمزوري سڏيندي چيو آهي ته فوجي سربراھه جو اهو ڪم ناهي ۽ ضرور ان جي بدلي کانئس ڪجھه مطالبا به ڪيا ويندا. ان وچ ۾ پنجاب جي اسپيڪر جي چونڊ کي نواز ليگ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ دوران ٽوڙ ڦوڙ جي11 مان 10 مقدمن ۾ سيشن ڪورٽ پنجن هرارن ۾ 7 سيپٽمبر تائين گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزارت اعليٰ تان لاٿل سندس پٽ کي 16 اربن جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور جي مک احتساب عدالت به 7 سيپٽمبر تي پيشي جي سمن جاري ڪري ڇڏي آهي. ايئن لڳي ٿو ته ڪوتاھه نظري سبب ملڪي قسمت جا فيصلا پارليامينٽ بجاءِ پردي پويان ئي ٿيندا رهندا ۽ عدالتي ڪارروائين جو لاڀ نالي وارا وڪيل پهنجين ڳرين فين جي صورت ۾ وصول ڪندا رهندا. عوام کي ٽاڪ شوز جو چسڪو ئي نصيب ٿيندو.