راولپنڊي(م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪي فيصلا پارليامينٽ نه اهي ڪري رهيا آهن جيڪي نمائندا ئي آهن. آئين ٽوڙي ملڪ ناهن هلندا، اسان جي پارليامينٽ رات جي انڌيري ۾ قانون ٺاهي ٿي، راولپنڊي ۾ سياسي آفيس جو افتتاح ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عوام پاڪستان تمام جلد وڏي پارٽي اڀري ايندي، اسين جنهن سفر تي نڪتا آهيون اهو سفر آسان ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ عوامي حڪومت نه فارم 47 جون حڪومتون آهن، آئين جي بالادستي کان بغير جمهوريت نٿي هلي جنهن ملڪ ۾ اليڪشن چوري ٿئي اتي معاشي حڪومت ناهي هلندي.