اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ سپريم ڪورٽ، سنڌ سوڌو چئني صوبن جي هاءِ ڪورٽن ۾ مجموعي طور تي 3 لک 80 هزار 436 ڪيس التوا هيٺ هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نزهت پٺاڻ جي سوال جو جواب ڏيندي قانون جي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ ايوان کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۾ 31 ڊسمبر 2018ع تي التوا هيٺ ڪيسن جو تعداد 40 هزار 987 هو جيڪو 31 ڊسمبر  2022ع تي وڌي 51 هزار 740 ٿي ويو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 31 ڊسمبر 2022ع تي التوا هيٺ ڪيسن جو تعداد هڪ لک 79 هزار 425 آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو تعداد 85 هزار 781، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ 41 هزار 911، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ 4471 ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 17 هزار 104 ڪيس التوا هيٺ آهن، مجموعي طور تي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ 31 ڊسمبر 2022ع تي التوا هيٺ ڪيسن جو تعداد 3 لک 80 هزار 436 آهي، هن  ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جا 17 جج آهن، جن مان 3 جايون خالي آهن، لاهور  هاءِ ڪورٽ ۾ 16 سيٽون خالي آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 11 ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ سيٽ خالي آهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ 2 ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به 2 سيٽون خالي آهن، ججن جون خالي سيٽون ڀريون وڃن، مير غلام علي ٽالپر چيو ته ان مامري کي ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته اعليٰ عدليه ۾ ججن جون تمام گهڻيون سيٽون خالي آهن جيڪو عمل ڳڻتي جوڳو آهي، قانون وزارت ٻڌائي ته ججن جي خالي جاين تي مقرري ۾ دير ڇو ٿي آهي؟ اسپيڪر ان مامري کي لاڳاپيل ڪاميٽي کي غور لاءِ اماڻي ڇڏيو