ملڪي عدالتن ۾ وياسين، ڪير نٿو ٻڌي، ڪو رستو ناهي بچيو، هاڻي پنهنجا ڪيس عالمي سطح تي کڻندس: عمران جو اعلان

0
21
ملڪي عدالتن ۾ وياسين، ڪير نٿو ٻڌي، ڪو رستو ناهي بچيو، هاڻي پنهنجا ڪيس عالمي سطح تي کڻندس: عمران جو اعلان
ملڪي عدالتن ۾ وياسين، ڪير نٿو ٻڌي، ڪو رستو ناهي بچيو، هاڻي پنهنجا ڪيس عالمي سطح تي کڻندس: عمران جو اعلان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ ڪو رستو ناهي بچيو، سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويا سين پر ڪجهه نه ٿيو، هاڻي اسان پنهنجا ڪيس عالمي سطح تي کڻي وينداسين. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويا، سپريم ڪورٽ وياسين، ڪو به اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اسان وٽ ڪو رستو ناهي بچيو، اسان پنهنجا ڪيس عالمي سطح تي کڻي وينداسين، پاڪستان گڏيل قومن جو سگنيٽري آهي، اسان سڀني عالمي ادارن ڏانهن وينداسين. عليمه خان چيو ته اڄ اسان کي اندر وڃڻ کان روڪيو ويو، اسان پنڌ اندرين در تائين وياسين، پهريان پوري خاندان کي اجازت هوندي هئي. هنن باني پي ٽي آءِ تائين رسائي محدود ڪري ڇڏي آهي. هي ٽارچر آهي، ذاتي ڊاڪٽر سان به ملاقات نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، پي ٽي آءِ باني شيون گهري ٿو ته هي ماڻهو کيس تنگ ڪن ٿا. هي وڏي ذميواري آهي، اسان ان کي پورو ڪنداسين. هاڻي هي شيون اسان کي نٿيون روڪي سگهن. عليمه خان چيو ته 2 مهينا اڳ پيغام آيو هو ته اوهان جي اي آءِ جنريٽڊ وڊيو ٺاهي ڇڏينداسين. باني پي ٽي آءِ چيو ته اوهان اڪيلا آهيو، مان چيو ته اسان سان وٽ پورو پاڪستان، سڄي سوشل ميڊيا آهي. الله اسان کي محفوظ رکڻ وارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهي سمجھن ٿا ته اسان سياست ۾ اچي چڪا آهيون، مان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪريان ٿي ته اسان سياست ۾ نه آهيون. اسان پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ تائين اوهان جي سامهون آهيون، عمران خان وٽ ڪو عهدو ناهي، هو پنهنجي پارٽي جيل مان هلائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني پاڪستان جي ماڻهن جي زبان آهي، هو قوم جي سوچ آهي.