حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمايو: “سڀ کان وڏو جاھل اھو آھي، جيڪو ھڪ ئي پٿر تان ٻه ڀيرا ٿاٻو کائي.”
اسان وٽ ووٽر اھڙا ٿاٻا کائيندا رھن ٿا. ھنن ڪڏھن ڪھڙي ليڊر، ڪڏھن ڪھڙي پارٽيءَ تان ٿاٻو کائي به اک نه کولي. ملڪ جي ڳالھ ڪجي ته سڀ کان وڏي دوکي وٽان ڪرڪيٽر آيو. اھو سياستدانن ۾ سڀ کان وڏو فراڊ اڄ به آھي، جڏھن وزير اعظم رھڻ بعد ھو اڪيلو ٿي ڪري جيل ۾ آھي. ڪنھن نه ڪنھن طرح، ڪو نه ڪو عرصو حڪمران ايوانن ۾ رھندڙ سياستدانن مان ھر ڪنھن جي عوام کي خبر آھي پر ھن جي فراڊ جي گھٽ ئي ماڻھن کي خبر آھي. ھو نه ٿو مڃي ته سياست طبقاتي ٿيندي آھي. ھن جو منشور ڪرپشن خلاف ھو پر کيس نه سجھيو ته حد کان وڌ دولت ڪرپشن ئي آھي. ھو پيسي وارن جي ٽيڪ تي آيو ھو ۽ دولتمندن ۾ ئي کيس آسرا ھئا. ھو به دولتمندن جو عيوضي آھي.
دولت گھڻن ئي جو خواب آھي. دولت جن جو به جنون يا مقصد آھي، سو لازمي فراڊ جو شڪار ٿيندو: جتي لوڀي ھجن اتي ٺوڳي بک نه مرن. دولت جي حوس گھڻي آھي پر ڪرسيءَ جي لالچ به وڏي آھي. سياستدان ھڪ ٻئي جنون ۾ مبتلا ٿي ڪري زندگي داءُ تي رکي، اھو بلڪل ممڪن آھي. ويجھي ماضيءَ ۾ ھڪ شخصيت ايئن ڪري پنھنجي جان تان ھٿ ڌوتا. مشھوري، عوام جي حمايت يا تمام وڏو ميڙ ڏسي ڪا شخصيت جان جي جوئا ڪري سگھي ٿي.
اسان وٽ شخصيت پرستي ماڻھن جي ھڪ وڏي تعداد کي ستيءَ وانگر پيل آھي. ھڪ فرد ھڪ فرد ئي ھوندو آھي، ادارو وڌيڪ سگھارو، وڌيڪ ڪمائتو ۽ وڌيڪ اثرائتو ٿيندو آھي. ليڊر ٺاھڻ بدران ادارا ٺاھڻ سان گھڻو ڪجھ ٿي سگھندو آھي. پاڪستان ۾ پارليامنٽ کي عوامي اداري جي حيثيت ۾ سدائين نيچو ڏيکاريو ويو، البت 1973 وارو آئين ڏيڻ ۾ پارليامينٽ ڪامياب وئي. ڪنھن بہ عوامي اداري کي سپريم نه مڃيو ويو. ان کان اڳ پ پ جو نعرو ھو: طاقت جو سرچشمو عوام آھي. جن اھو نعرو ڏنو، تن وٽ ان جو عملي مطلب پارليامنٽ جو سپريم ٿيڻ ئي آھي. پر پوءِ اھو خواب ئي رھيو. 2018 ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان کليل ڌانڌلي ڪئي وئي، بلڪ ھر ھڪ پولنگ تي.
هن وقت ملڪ ۾ چونڊن توڙي انھن جي تاريخ بابت تڪرار جاري آھي. 13 سيپٽمبر تي تڪراري صدر عارف علويءَ چيو ته چونڊون 6 نومبر تي ٿيڻ گھرجن. ھن اليڪشن ڪميشن کي ھڪ خط ۾ اھو بہ چيو آھي تہ چئن ئي صوبن ۾ ھڪ ئي ڏينھن صوبائي چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪومت ڪورٽ سان رجوع ڪري. اھو تڪرار ھلندڙ آھي ته صدر چونڊن جي تاريخ ڏئي سگھي ٿو يا نه. ن ليگ جلد کان جلد چونڊن جي مخالفت ڪري رھي آھي، بلڪ اھا مخالفت تہ شھباز شريف وزيراعظم ھوندي اھو پڌرو ڪرڻ سان ئي ڪئي ھئي ته چونڊون نئين تڪبندين بعد ئي ٿي سگھن ٿيون. فضل الرحمان پنھنجو موقف بدلائيندي ھاڻي چوي ٿو ته 90 ڏينھن اندر چونڊن کان ڊنل ناھيون. ھن پڌرو ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌ ۾ پ پ سان سندس پارٽيءَ جو اتحاد نه ٿيندو. اھا ڳالھ چونڊن لاءِ چيل آھي. چونڊن بعد جا صورتحال بيٺي سا ڏسبي. ھر پارٽيءَ جو اھڙو موقف عارضي آھي. ڀلي اھا نون ليگ ھجي.
نون ليگ پ پ سان تڪرار شروع ڪيو آھي. اھا چال آھي پ پ سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ لاءِ. يعني ڪو نه ڪو بھانو ضروري آھي. وڏو اعلان ڪيو ويو آھي ته نواز 21 آڪٽوبر تي ملڪ موٽي ايندو، يعني ھن ۾ ايتري ھمت اچي وئي آھي ته جلاوطنيءَ مان بنا ڪنھن جي سھاري جي موٽي اچي. ھن کان اڳ جڏھن ھو آيو ھو ته بينظير جي سھاري آيو ھو. بلڪ بينظير ئي کيس ھمٿائي وٺي آئي ھئي. حيرت جي ڳالھ ھيءَ به آھي ته 3 ڀيرا چونڊجڻ بعد به عوام جي ڀلائيءَ جون آسمان جيڏيون ڊاڙون ھڻڻ ليگ کي ئي سونھين، انھن کي جن کيس 3 ڀيرا اقتداري ايوانن ۾ آندو ھو. ھاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا ھڪڙا ڏيکارڻ جا ٻيا.
ھيءَ جا نگران حڪومت آھي، سا ته وري عمران خان ۽ شھباز کان به وڌي وئي آھي. روزگار جا موقعا پيدا نه ڪرڻ، مھانگائي پيدا ڪرڻ، سرڪاري ادارن کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ، بجلي نه ڏيڻ، بک ڏک بيمارين جو ڪو به حل نه ڏيڻ کان وٺي بجلي نه ڏيڻ تائين ھاڻوڪن حڪمرانن جو رڪارڊ آھي.
بجلي بلن ۾ڪوبه رليف نه مليو. ان بدران بجلي چوريءَ ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪريڪ ڊائون جو چيو ويو پر وڏن بجلي چورن کي ڇڙواڳ ڇڏيو ويو. جيئن ٿيندو رھيو آھي. عوام کي حڪومت ٻل چاڙھڻ جون ئي ڳالھيون نه پئي ڪري پر بجلي ڪتب آڻيندڙن کي سختيءَ سان اھو چيو ويو آھي ته بجلي بل ڀريا وڃن. ھنن کنڊ ۽ اٽي جا اگھ وڌايا ويا.
عوام کي سھولت ڏيڻ ۽ چونڊون جلد کان جلد آئين ھيٺ شفاف ۽ اڻ ڌريون ڪرائڻ نگرانن جو ڪم آھي پر ھيءَ حڪومت ان کان يعني حد کان وڌي وئي آھي. ھي نگران انھن جي ڪلھن تي آھن، جيڪي عوام جو ناڻو چوري يا زوري کڻي ويندا آھن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته انھن سان به ضرور
ڪي ڀاڳيا سمجھيا ويندڙ گڏ آھن.
بلا وجہ تو نھين ھين چمن ڪي تباھيان،
ڪڇ باغبان ھين برق و شرر سي ملي ھوئي.