ملڪي سياست، استحڪام ۽ هل هنگامو

0
75
ملڪي سياست، استحڪام ۽ هل هنگامو

 ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ايتري  ته ڳڻتي جوڳي آھي جو اهي خدشا ظاهر ٿي رهيا آھن ته ملڪ اندر پيٽرول ڊيزل جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن سان پيٽرول پمپن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيٺل نظر اچڻ جا منظر ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿا ملڪ ۾ مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا تاريخ ۾ انتهائي گهٽ سطح تي هجڻ ڪري ملڪ اندر مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا يعني ڊالرن جي کوٽ انتهائي شديد ٿيل آھي، جنهن ڪري پرڏيھه مان ايندڙ سامان جون ايل سيز نه کلي رهيون آھن، جنهن ڪري هڪ طرف صنعتن کي خام مال نه ملي رهيو آھي، ته ٻئي طرف انهن جي پيداوار گهٽ ٿيڻ ڪري صنعتي مزدورن مٿان بيروزگاري جي تلوار لٽڪي رهي آھي، ڊالرن جي کوٽ ايتري شديد ٿيل آھي، جو کاڌي پيتي  جون شيون به امپورٽ  ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آھي، جنهن ڪري انهن شين جي کوٽ  سبب قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آھي. چوڻ وارا ته اهو به چئي رهيا آھن ته سياري جي موسم ۾ به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب گهربل مقدار ۾ فرنيس آئيل امپورٽ نه ٿي سگهڻ به آھي، هڪ طرف  اها صورتحال خوفناڪ منظرنامي جا انديشا ظاهر ڪري رهي آھي ته ٻئي طرف ملڪ جو سياسي منظرنامو ايندڙ ڏينهن لاءِ افراتفري جي ماحول پيدا ٿيڻ جي انديشن کي واضح ڪري رهيو آھي.

  پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري کي لاهور مان اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي. فواد چوڌري جي  گرفتاري عمر حميد خان جي درخواست تي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ فواد چوڌري تي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آھي. جڏهن هي ڪالم لکي رهيو هيس تڏهن فواد چوڌري کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾  پيش ڪيو ويو هو. ٻين گرفتارين جا به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي هئي تڏهن به ان وقت جي مخالف ڌر جا تمام اهم اڳواڻ گرفتار ٿيا. ڊگهي وقت تائين نيب حراست ۾ رهيا، آصف زرداري، شهباز شريف، خواجه آصف، خواجه سعد رفيق، خورشيد شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ گرفتار ٿيا هئا ان وقت جي حڪومت کين  چور چور چئي گرفتارين کي جسٽيفاءِ ڪندي هئي. فواد چوڌري جي گرفتاري ۾ هن حڪومت جي ڦڙتي مان لڳي ٿو ته موجوده حڪومت جي مرضي سان ئي اها گرفتاري ٿي آھي. ملڪ جي سياسي صورتحال کي ڏسي هاڻي کان ئي ذهن ۾ اهو سوال ڪر کڻي بيھي رهيو آھي ته ڇا ٿيندڙ چونڊون ملڪ اندر سياسي افراتفري جي خاتمي ڪو سبب ٿي سگهن ٿيون؟ انهي سوال تي غور ڪري موجوده سياسي صورتحال کي ڏسجي ٿو ته اهو محسوس ٿي رهيو آھي ته جيڪي فيصلا سامهون اچي رهيا آھن انهن سان ملڪ اندر سياسي استحڪام بجاءِ سياسي عدم استحڪام ۾ ڀيانڪ اضافو ٿيندو. سياسي اختلاف فساد يا جمهوريت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا. نه رڳو ايترو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽٽڻ بعد ٻنهي صوبن جي صوبائي اسيبملين جي تڪن تي عام چونڊ ٿيڻي آھي جيڪا چونڊ ڪرائڻ لاءِ خيبرپختونخواه صوبي ۾ اتفاق راءِ سان نگران وڏو وزير مقرر ٿي چڪو آهي پر اهو نگران وڏو وزير نگران ڪابينه ۾ ڪهڙا وزير شامل ڪري ٿو ان سان ان جي ترجيح سامهون اچي ويندي.

پنجاب صوبي ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري تي اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ ڪنهن به  نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري آئين تحت اليڪشن ڪميشن  پنجاب جي  اڳوڻي وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر پاران تجويز ڪيل نالن مان محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو آھي. عجيب اتفاق آھي ته پنجاب ۾ ان کان اڳ به نگران وڏووزير هڪ صحافي نجم سيٺي رهي چڪو آھي، هاڻي به مقرر ٿيل نگران وڏو وزير هڪ ٽي وي چينل جو مالڪ آھي. پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري کي تحريڪ انصاف رد ڪري ان جي مقرري خلاف ملڪ اندر احتجاج شروع ڪري ڇڏيا آھن. سوال هي آھي ته جنهن نگران وڏي وزير کي پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي عام چونڊ ڪرائڻي آھي ان جي مقرري تي ئي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي احتجاج ڪري رهي آھي ته پوءِ ان جي نگراني ۾ ٿيل چونڊ جا نتيجا ان جماعت کي ڪيئن قبول هوندا؟ اگر تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊن اندر اڪثريت حاصل ڪري وٺي ٿي ته اهو باور ڪرائيندي ته اسان جي مخالف کي نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ باوجود اسان چونڊ کٽي ويا سين، اگر پي ٽي آءِ هارائي وئي ته چوندي ته ڌانڌلي ٿي آھي.

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي اسيمبلين جي تڪن تي پنج سالن جي مدت لاءِ چونڊ ٿي رهي آھي جنهن لاءِ پهريون قدم ئي تڪراري ٿي ويو آھي. ان صورتحال ۾ ٿيندڙ چونڊن جي ساک ڪهڙي هوندي؟ ڳالھه رڳو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيملين جي تڪن تي چونڊ جي نه آھي، مامرو قومي اسيمبلي جي چونڊن جو به آھي. پي ٽي آءِ جنهن اسيمبلي لاءِ چوندي هئي ان ۾ چور ويٺل آھن، ان اسيمبلي ۾ واپس نه وينداسين. پي ٽي آءِ 11 اپريل تي قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ بعد مسلسل اسپيڪر کي استعيفائون منظور نه ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪندي رهي آهي. پر اسپيڪر قومي اسيمبلي آئين ۽ قانون تحت استعيفائون هر هڪ ميمبر جي تصديق لاءِ اچڻ بعد منظور ڪرڻ جو موقف ورجائيندو رهيو. ان بعد اهڙي صورتحال پيدا ٿي جو نه اسپيڪر پنهنجي زبان تي هلي سگهيو نه ئي استعيفائون ڏيندڙ پي ٽي آءِ پنهنجي موقف تي قائم رهي سگهي. پي ٽي آءِ جي ستر ميمبرن جون استعيفائون جڏهن منظور ٿي ويون، تڏهن باقي بچندڙ ميمبرن نه رڳو استعيفائون واپس وٺڻ جون درخواستون اماڻيون پر اهڙي درخواست ڪرڻ لاءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ سيڪريٽري قومي اسيمبلي سان به ملاقاتون ڪرڻ لاءِ پهتا. ملاقاتون نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ميمبر اليڪشن ڪميشن وٽ درخواست کڻي پهتا ته اسان جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن. ٻنهي ڌرين جو ڪردار اهو واضح ڪري رهيو آھي ته ٻئي ڌريون پنهنجي سياسي فائدي لاءِنه رڳو پنهنجي موقف تان يوٽرن وٺندي دير نٿيون   ڪن پر اهي ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار ٿيل آھن. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن استعيفائن جي منظوري خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آھي، پر فرض ڪجي ته اگر پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري کي عدالت رد نٿي ڪري ته پوءِ اپوزيشن ليڊر راجا رياض هوندو ۽ وزير اعظم شهباز شريف هوندو ۽ اهي ٻئي نگران وزير اعظم جي مقرري ڪندا. سوال هي آھي ته ان راجا رياض جنهن لاءِ اهو سمجهو پيو وڃي ته ان کي ايندڙ عام چونڊ ن ليگ جي پليٽ فارم تان وڙهڻي آھي. ان ۽ وزير اعظم شهباز شريف پاران مقرر ڪيل نگران وزير اعظم جي نگراني ۾ ٿيندڙ چونڊن کي ڇا پي ٽي آءِ تسليم ڪندي؟ اگر پي ٽي آءِ تسليم نه ڪندي ته ڇا ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي سگهندو؟ سوال هي به آھي ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ اندر معاشي استحڪام اچي سگهندو؟ سوال هي به آھي ته سياستدانن جي ان اقتدار لاءِ ويڙھ ۾ ڇا عام ماڻهو لتاڙبا ۽ پيڙهبا رهندا ۽ ملڪ خطرناڪ معاشي مسئلن طرف ڌڪبو ويندو؟ ڇا ڪو ان سياست کي ڪو  عوامي ڀلائي جو ڪم چئي سگهندو؟ مان بار بار اهو لکندو رهيو آھيان ته سياستدان ذاتي سياسي ويڙهه ۾ ايترو اڳتي نه وڃن جو عام ماڻهو جو سياسي نظام تان ئي ارواح کڄي وڃي. ان سان سول ۽ جمهوري نظام کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آھي. اهو عمل جاري رهڻ سان سياسي جهموري نظام جي پٽڙي تان لهڻ جا امڪان به پيدا ٿي سگهن ٿا. سوال هي آھي ته اگر هن حڪومت آگسٽ تائين مدت پوري به ڪئي ته موجوده معاشي صورتحال ۾ ڇا ڪري سگهندي؟ ظاهر آھي موجوده صورتحال ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ته پري جي ڳالھه پر عوام کي وڌيڪ ٽيڪسن جي بار ۾ دٻجڻ کان بچائڻ به هن حڪومت لاءِ مشڪل عمل ٿي ويو آھي. آءِ ايم ايف بهادر هن حڪومت کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ، بجلي گيس جي قيمتن ۾ اضافي سوڌو  مختلف شرطون رکي ويٺو آھي. اگر آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون نٿيون ڪيون وڃن ته ملڪ لاءِ معاشي مشڪلاتون وڌنديون.

ايتري تائين جو ملڪ ڊفالٽ به ڪري سگهي ٿو. اگر آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، جنهن سان اڳ ئي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ۾ پيڙجندڙ عوام لاءِ مهانگائي وڌي ويندي. هي مهانگائي ئي عوام جي برداشت کان ٻاهر آھي. وڌيڪ مهانگائي ٿي ته عوام جي برداشت کان ٻاهر هوندي. جيئن عوام جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مهانگائي ڪئي پئي وڃي، اهو عمل عوام کي روڊن تي آڻڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آھي.