اسلام آباد(م ڊ)  پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته ملڪي دفاع ۽ قومي سلامتي جي لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود سمورن سياسي پارٽين جو هڪ زبان ٿي آواز اٿارڻ خوشي جوڳو قدم آهي. سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي سربراهه ۽ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽرعرفان صديقي سان ملاقات ۾ نوازشريف چيو ته پارليامينٽريز جي انهي ڪردار سان قومي يڪجهتي کي هٿي ملندي ۽ عوام ۾ به اتفاق ۽ اتحاد جي فضا پيدا ٿيندي. سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي پارٽي جي سربراهه نوازشريف کي سينيٽ ۾ مسلم ليگ(ن) پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو. هن ملڪي دفاع جي گڏيل ارادن جي اظهار ٻڌل قرارداد جو به ذڪر ڪيو. جنهن جي تياري ۽ تائيد ۾ سمورين پارٽين حصو ورتو. نوازشريف چيو ته اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي پر ملڪي دفاع جي عظيم مقصد جي لاءِ هر طرح جي اختلافن کي سائيڊ ۾ رکڻ سٺي روايت آهي.