وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ ان کي ٽِن سالن ۾ وڏن ملڪن جي قطار ۾ آڻڻ لاءِ “اُڏام پاڪستان” منصوبي جو افتتاح ته ڪيو آهي. هن منصوبي جو اعلان ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته، “اُڏام پاڪستان” جو مرڪز ايڪسپورٽ جي بنياد تي ترقي هوندي ۽ ان مقصد لاءِ اسان کي مقامي صنعت کي مضبوط بڻائڻو پوندو ته جيئن اسان ايڪسپورٽ جوڳيون شيون تيار ڪري سگهون ۽ انهن کي دنيا تائين پهچائي سگهون. هي منصوبو ان لحاظ سان سٺو آهي جو ان ۾ ايڪسپورٽ، سيڙپڪاري، جي ڊي پي جي واڌ جي شرح ۽ ملڪ جي ماليت هڪ ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي ڳالهه ڪيل آهي، پر انهن مقصدن جو تعين ڪرڻ ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ ٻه مختلف شيون آهن. حڪومت انٽرنيٽ کي سست ڪري ۽ فائر وال لڳائي جنهن قسم جون پابنديون لاڳو ڪيون آهن، انهن جا منفي اثر ظاهر ٿيندا ۽ ان جي نتيجي ۾ حڪومت جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي خواهش پوري نه ٿي سگهندي، ڇو ته انهن تي عملدرآمد لاءِ اثرائتو فريم ورڪ موجود ناهي.
پاڪستان جي معيشت جو دارومدار ايڪسپورٽ تي آهي، پر موجوده حالتن ۾ ايڪسپورٽ واري شعبي کي بيشمار مسئلا ۽ چئلينجز پيش آهن. ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ توانائي بحران، حڪومتي پاليسين جي ناڪامي، غير مستحڪم معيشت ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سخت مقابلو شامل آهن. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي معيشت کي پائيدار ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ ممڪن نه آهي. توانائي بحران ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائيءَ جو سڀ کان وڏو سبب آهي. صنعتون جيڪي برآمداتي شيون تيار ڪن ٿيون، انهن مان گھڻيون صنعتون بجلي ۽ گئس جي کوٽ جو شڪار آهن. بار بار لوڊشيڊنگ ۽ گئس جي گھٽ فراھمي پيداوار جي عمل کي سخت متاثر ڪري ٿي. نتيجي طور، وقت تي آرڊرن جو مڪمل ٿيڻ ممڪن نه ھوندو آهي، جنهن سبب ايڪسپورٽ ڪندڙن کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. توانائي بحران سان گڏ، بجلي ۽ گئس جي وڌندڙ قيمتن پيداوار جي لاڳت کي تمام گھڻو وڌائي ڇڏيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ مصنوعات جي قيمت گهٽ رکڻي پوي ٿي، پر وڌيڪ پيداواري لاڳت جي ڪري پاڪستاني شيون عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. ان جو نتيجو اهو آهي ته بين الاقوامي خريدار ٻين ملڪن جون شيون خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پاڪستان جي برآمدات کي وڌائڻ ۾ حڪومتي پاليسين جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پر بدقسمتيءَ سان انهن پاليسين ۾ تسلسل ۽ عملدرآمد جي کوٽ آهي. ايڪسپورٽ کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جو فقدان آهي ۽ گهڻو ڪري حڪومتي فيصلا وقتي ۽ سياسي مفادن تي ٻڌل هوندا آهن. ان کان سواءِ، ٽيڪس نظام جي پيچيدگي ۽ ريفنڊز ۾ دير ايڪسپورٽرز لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري ٿي. پاڪستان جي غير مستحڪم معيشت ۽ رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي پڻ ايڪسپورٽ کي متاثر ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي سان ايڪسپورٽ کي فائدو ٿي سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت درآمدي خام مال جي قيمتن ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو. ڇو ته پاڪستاني صنعتون گھڻو ڪري درآمدي خام مال تي دارومدار ڪن ٿيون، تنهنڪري پيداوار جي لاڳت وڌي وڃي ٿي، جنهن جو سڌو اثر برآمداتي شين جي قيمت تي پوي ٿو.
اها ڳالهه سمجهڻ جي به ضرورت آهي ته، پاڪستاني ايڪسپورٽرز کي عالمي مارڪيٽ ۾ سخت مقابلي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ٻيا ترقي پذير ملڪ جديد ٽيڪنالاجي، گهٽ پيداواري لاڳت ۽ بهتر حڪومتي پاليسين ذريعي پنهنجي ايڪسپورٽ کي تيزيءَ سان وڌائي رهيا آهن. ان جي ابتڙ، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جدت ۽ تحقيق ۽ ترقي تي گھڻي توجهه نٿي ڏني وڃي، جنهن سبب پاڪستاني شيون معيار ۽ قيمت جي لحاظ سان پوئتي رهجي وڃن ٿيون. پاڪستاني برآمدات ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، پر انهن ۾ موجود مسئلن جو فوري حل ضروري آهي. توانائي بحران، پاليسين جي ناڪامي ۽ عالمي مقابلي جھڙن چئلينجز تي ضابطو آڻي پاڪستان پنهنجي ايڪسپورٽ کي مستحڪم ڪري سگهي ٿو، تڏھن ئي اڏام پاڪستان منصوبي جا نتيجا حاصل ٿي سگھندا.