جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي پنهور خاندان ۾ ملڪيت جو تڪرار نه نبريو، عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي بنگلي تي قبضي جي درخواست تي ٻڌڻي، منظور پنهور جي ٻن پٽن ۽ اڳوڻي ايم پي اي سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم، خبر موجب پنهور خاندان منظور پنهور ۽ سندس سئوٽ اصغر پنهور ۾ ملڪيت تان هلندڙ تڪرار نه نبري سگهيو آهي، ڪالهه سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ اصغر پنهور جي پٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شجاءُ الله پنهور پاران ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ بنگلي تي ٿيل قبضي ۽ ڀڄ ڊاهه خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران منظور پنهور جو پٽ ۽ پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي اورنگزيب پنهور پيش ٿيو، عدالت ٻڌڻي بعد شجاءُ الله پنهور جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت منظور پنهور جي ٻن پٽن اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب پنهور ۽ پ پ ضلعي جي نائب صدر سليمان پنهور سميت غلام محمد، فاروق ۽ فيصل پنهور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.