بدين/ملڪاڻي شريف(رپورٽر+ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ تعليم کاتي جي اختيارين زبون حال بڻيل عمارت تعمير ڪرائن بدران گرلز مڊل اسڪول کي تالا لڳي ويا، 4 سالن کان نياڻيون علم پرائڻ بدران گهر جو ڪم ڪارڻ لڳيون، سندن مستقبل داءُ تي لڳي ويو، خبر موجب يونين ڪائونسل ملڪاڻي شريف ۽ يونين ڪائونسل خيرپورگنبوهه جي سوين ڳوٺن جي واحد مڊل گرلس اسڪول جي زبون عمارت کي تعليم کاتي بدين مرمت ڪرائي ٺهرائي ڏيڻ بدران چئن سالن کان تالا هڻائي ڇڏيا، چار سال گذرڻ باوجود نه عمارت ٺهي نه وري تالا کليا، شاگردياڻين کي بازار جي ڀرسان قائم بوائز اسڪول ڏانهن شفٽ ڪري تعليم جو عمل شروع ڪيو آهي، بازار جي ڀرسان اسڪول هجڻ سبب شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جون شاگردياڻيون مجبوري ۾ مشڪلاتون سهي پڙهڻ تي مجبور آهن، گرلس اسڪول جي اٺن ڪمرن جي ڇتن تان چاپڙ ڪرڻ ۽ ڪمرن جي زبون حالت هئڻ جي شڪايت شهرين ۽ استادن تعليم کاتي بدين سميت چونڊيل ايم پي اي ايم اين اي کي ڏني هئي، جنهن تي تعليم کاتي جا آفيسر وزٽ تي اچي اسڪول جي عمارت کي زبون ۽ خطرناڪ قرار ڏئي تالا هڻائي ڇڏيا هئا، جيڪي چار سال کان تالا لڳل آهن، پر عمارت جي مرمت جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري ڪافي شاگردياڻيون اسڪول ۽ تعليم ڇڏي گهر ۾ ويهي رهيون آهن پر تعليم کاتي بدين جي ڪن تي جون به نه سري آهي گهرن جي ڀرسان پراڻي بند پيل اسڪول تي شهر ۽ ڳوٺن جون سوين شاگردياڻيون پڙهنديون هيون، والدين کي ڪابه پريشاني نه هوندي هئي پر هاڻي بازار جي ڀرسان هلندڙ اسڪول ڏانهن شفٽ ٿيڻ کانپوءِ والدين به پريشاني ۾ ورتل آهن ۽ شاگردياڻيون به اسڪول وڃڻ کان لنوائڻ لڳيون آهن، ان سلسلي ۾ شهرين شفيع ملڪاڻي، نياز لغاري، عنايت علي، واحد بخش لغاري ۽ ٻين ٻڌايو ته چئن سالن کان تعليم کاتي بدين اسڪول جي عمارت کي تالا هڻائي ڇڏيا آهن، چار سال گذرڻ باوجود عمارت جي مرمت ڪرائي اسڪول ۾ پڙهائڻ جو عمل جاري نه ڪيو آهي، اسان پنهنجون نياڻيون شهر جي بازار ڀرسان اسڪول موڪلڻ لاءِ مجبور آهيون گهرن جي ڀرسان اسڪول هلندو هو ته اسانکي ڪابه پريشاني نه هئي پر هاڻي اسان کي موڪل وقت پنهنجي نياڻين کي اسڪول مان وٺڻ لاءِ وڃڻو پوي ٿو، عاليشان عمارت جي اٺن ڪمرن جي تعليم کاتو ٿورو ڌيان ڏئي مرمت ڪرائي اسڪول ۾ پڙهائي جو عمل جاري ڪرائي شاگردياڻين ۽ والدين کي پريشاني کان بچايو وڃي، اسڪول جي هيڊ ماستر سلطان علي ملڪاڻي پنهنجي اخبار کي موقف ڏيندي ٻڌايو ته اسان اسڪول بابت تعليم کاتي کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ۽ درخواستون ڪيون آهن، ان باوجود ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو ويو، ڪجھه ڏينهن اڳ ايجوڪيشن انجنئير به اسڪول جو دورو ڪري عمارت جي تباهي واري حالت ڏسي ويو آهي، هن چيو ته تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي به اسان اسڪول بابت لکت ۾ ۽ زباني چيو آهي پر چار پنج سال گذرڻ جي باوجود مرمت نه ٿي آهي، جنهن ڪري اسان وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي شاگردياڻين کي پرائمري بوائز اسڪول ۾ پڙهائي رهيا آهيون، تعليم کاتو جلد نوٽيس وٺي اسڪول جي مرمت ڪرائي ته جئين اسڪول ۾ پڙهائي جو عمل جاري ڪري سگهون، جڏهن ته ٽي اي او تعليم سان رابطو نه ٿي سگهيو.