ملڪاڻي  شريف (ن پ ا) چيف انجنئير  سکر بئراج اڪرام الله قريشي جي آبپاشي  سب ڊويزن خيرپورگنبوھ  جي شاخن جي دوري دوران پاڻي چورن خلاف سخت آپريشن جا حڪم ڏيندي آبپاشي  ايس ڊي او خيرپورگنبوھ  ذولفقار علي لاشاري کي ڪارواين جا حڪم ڏنا . آبپاشي سب ڊويزن  خيرپورگنبوھ  چيف انجنئير  جا حڪم مڃيندي پاڻي چوري غيرقانوني واٽر ڪورس ٽوڙي  وھائيندڙن خلاف ڪاروايون ڪندي کوسڪي شاخ جي باگو مائينر جي واٽر ڪورس ايل آء کي ٽوڙي کي غيرقانوني  پاڻي چوري ڪرڻ جي ڏوھ ھيٺ چئن زميندارن تي پنگريو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پنگريو ٿاڻي تي کوسڪي شاخ جي آبپاشي   داروغي نيڪ محمد خاصخيلي جي فرياد تي قلم 353.504.430  آبپاشي تحت   باگومائينر  جي چئن آبادگارن  ارشد علي فرمان علي ولد علي محمد دوست علي ولد علي نواز لنڊ راشد علي ولد علي محمد خلاف پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  رابطو ڪرڻ تي آبپاشي  ايس ڊي او خيرپورگنبوھ  ذولفقار لاشاري ٽائيم  نيوز کي ٻڌايو ته چيف انجنئير  جي ڏنل خاص ھدايتن تي عمل ڪندي کوسڪي جرڪس تي پاڻي چورن خلاف ڪاروايون ڪندي ڪيس داخل ڪرايا آهن  ڪنهن به بااثر پاڻي چورن کي ڪنهن به صورت ۾ برداش نه ڪيو ويندو اڃان تائين مان ۽ منهنجو آبپاشي  عملو شاخن جو وزٽ ڪري آپريشن ڪري پيو وڌيڪ پاڻي چورن خلاف ڪاروايون  ڪري ڪيس داخل ڪرائينداسين