ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ڀرسان يوسي بهادر چانڊيو ۾ 3 ڏينهن اڳ لڳل سم نالي جي گهاري تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي پوکيل سارين ۽ وونئڻن جا فصل لڙهي ويا، آبادگار منظور چانڊئي ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺ امام بخش چانديو، بکو قمبراڻي ۾ سم نالي جي گهاري جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويا، چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا ڪٿي به مدد لاءِ نه پهتي آهي، ڳوٺاڻن ڊي سي بدين کي اپيل ڪئي ته گهاري جو پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪري گهرن ۽ فصلن جو معاوضو ڏئي پريشاني کان بچايو وڃي، واضح رهي ته سم نالي کي 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ بکو چانڊيو وٽان گهارو لڳو