ملڪاڻي شريف (رپورٽ: وشال ريٻاري) يوسي ملڪاڻي شريف جي ڳوٺ حاجي خان چانڊيو جي پرائمري اسڪول کي 20سال گذرڻ باوجود عمارت نه ملي سگهي، جڏهن ته اسڪول جو ڪچو به برساتن ۾ ڊهي پٽ ٿي ويو، شاگرد وڻن جي ڇانو ۾ پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور آهن، ڳوٺ حاجي خان چانڊيو، دولت لاشاري، سهراب لاشاري، عثمان چانڊيو، غلام رسول چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺن جي هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارن کي رضاڪار طور ڳوٺاڻو ٻارڙن کي پڙهائڻ لڳو آهي، ٽائيم نيوز جي ٽيم ڳوٺ پهتي ته شاگردن ۽ والدين احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي اڪبر چانڊيو، داد چانڊيو، زاهد شاهه، اڪبر لاشاري، قاسم لاشاري ۽ ٻين چيو ته 2004ع کان اسڪول هلي پيو پر تعليم کاتي عمارت به نه ڏني آهي، پاڻ مرادو ڪچو ڪمرو ٺاهيو اهو به برساتن ۾ ڪري پيو، جڏهن ته اسڪول ۾ مقرر ماستر به ٻئي اسڪول ۾ پڙهائي رهيو آهي، هنن چيو ته اسڪول جي عمارت ۽ ماستر جي مقرري لاءِ تعليم کاتي جي عملدارن کي درخواستون ڏنيون پر نوٽيس نه ورتو ويو، ڳوٺاڻن سيد سردار شاهه ۽ تعليم کاتي بدين جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول کي عمارت ڏئي استاد کي ڊيو ٽي جو پابند بڻايو وڃي.