ملڪاڻي شريف (ن پ ا)ايل بي اوڊي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ايندڙ اين جي اوز علائقي جي مقامي ايجنٽن وٽ يرغمال بڻيل آهن، جنهن  سبب حقيقي حقدار حق ملڻ کان محروم ٿيڻ لڳا جيڪا به  عالمي توڙي ضلع تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز علائقي ۾ اچي ٿي ته پهرئين مقامي ايجنٽن سان گڏجاڻيون ڪري ايجنٽن جي ڏنل لسٽ مطابق من پسند ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي ٿو، لسٽ تي چڙهيل من پسند ماڻهن کي هر اين جي اوز بار بار نوازي رليف ڏئي ۽ لاوارث بنا واسطيدار حقدار کي هميشه ايندڙ واري جو انتظار ڪرڻ جو چئي مايوس واپس موٽايو وڃي ٿو، علائقي واسين امام علي شاهه، ڪامريڊ شفيع ملڪاڻي، گيان ريٻاري، لکمڻ ريٻاري، جڳو ريٻاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته  ٻوڏ متاثر جي مدد لاءِ آيل اين جي اوز متاثرن کي نظرانداز ڪري پنهنجن من پسند ماڻهن ۾  مال ورهائي متاثرن کي واپس مايوس روانو ڪيو ويو آهي، هنن ٻڌايو ته علائقي جي متاثر ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ ايندڙ اين جي اوزن کي مقامي ايجنٽ آڌرڀاءُ ڪري انهن کي غلط گائيڊ ڪري پنهنجي ماڻهن جي اڳ ۾ تيار پيل خاص ماڻهن جي لسٽ حوالي ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري حقيقي حقدار ٻوڏ متاثر بي سهارا بڻيل آهن، علائقي واسين مطالبو ڪيو ته مقامي اينجٽن خلاف ڪارروائي ڪري اين جي اوزن کي پنهنجي حساب سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جئين حقدارن کي پنهنجو حق ملي سگهي.