ملڪاڻي شريف: ملڪاڻي شريف ۽ حيات خاصخيلي شهر ۾ سرڪاري وٽنري هڪ به اسپتال ناهي هڪ سرڪاري ڊاڪٽر به بدلي ڪرائي ويو جنهن ڪري چوپايو مال بيمارين ۾ مرڻ ڪري مالوند ماڻهون ڪنگال بڻي ويا آهن مالوند ڀاڳيا پرائيوٽ سيکڙاٽ ڊاڪٽرن کان پنهنجي بيمار مال جو علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن ۽ سيکڙاٽ مال جا ڊاڪٽر ڀاڳين ڳوٺاڻن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ياد رهي ته چار مهينا پهرئين به ڊاڪٽر جي غلط دوا ڏيڻ سبب ڀاڳئي گلڻ لنڊ جون ستر رڊون هڪ ئي وقت مري ويون ھيون.