ملڪاڻي شريف (ن پ ا) حيسڪو جهڏو ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي بند هئڻ سبب شهرين جو جئيڻ جنجال ٿي ويو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ ۽ چوري ٿيل بجلي خلاف نوجوان اتحاد ۽ سوين شهرين احتجاجي ريلي ڪڊي پنگريو جهڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري مين بس اسٽاب تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي حيسڪو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي شهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن تي حيسڪو جهڏو خلاف سخت لفظن ۾ نعرا لکيل هئا اڳواڻ شهرين نياز لغاري، سفيان ملڪاڻي، مظهر ملڪاڻي، انس لغاري، اجمل ڪولهي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته بناجواز حيسڪو عملو جهڏو بل ڪليئر هجڻ باجود سڄو ڏينهن بجلي بند ڪري سخت گرمي ۾ اسان کي زليل ڪري مشڪلاتن ۾ وجهي جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي حيسڪو جهڏو جي من مستين سبب مشڪلاتن ۾ وڪوڙيل آهن گرمي ۽ مڇرن جي آزار ڏينهن رات سڪون تباهه ٿي ويو آهي ڪو به شيڊول ناهي ڏينهن رات بجلي بند ڪري ڪاروبار تباهه ڪيو ويو آهي هنن چيو ته بجلي بند هجڻ ڪري فلورملن تي اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي پاڻي جي سپلائي نه ٿيڻ ڪري گهرن بازارن دڪانن مسجدن اسڪولن هوٽلن تي پئيڻ جو پاڻي ناهي شهري مشڪلاتن جو شڪار آهن۽ بجلي چوري جو به آزار آهي هنن حيسڪو جهڏو ايس ڊي او کي چتاءُ ڏيندي چيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشينڊنگ ختم نه ڪئي وئي ته ملڪاڻي شريف شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.