ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف لڳ گورنمينٽ پرائمري اسڪول اميربخش ڪلوئي ۾ فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ سبب 200 کان وڌيڪ شاگرد جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي. اسڪول جي شاگردن  ۽ والدين رمضان ڪلوئي سراج سنڌي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي ته اسان جي اسڪول ۾ فرنيچر ۽ استاد جي نه هجڻ ڪري تعليم جو عمل سخت متاثر ٿيڻ لڳو آهي، شاگردن چيو ته  روز اسڪول وڃون ٿا فرنيچر نه ھئڻ ڪري اسان فرش تي ويهي پڙهندا آھيون، 200 کان وڌيڪ شاگرد آھيون اسان وٽ استاد ھڪڙو آھي جيڪو سڀني شاگردن کي پڙهائي نٿو سگھي،هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي فرنيچر ۽ استاد ڏنا ونڃن ته جيئن اسين سٺي طريقي سان پنھنجي تعليم جاري رکي سگھون