ملڪاڻي شريف ( ن پ ا)ملڪاڻي شريف ۾ قائم بسپ سينٽر عذاب ۽ انتظارگاھ بڻجي ويو. ملڪاڻي شريف بسپ سينٽر ڇوٿين ڏينهن به نه هليو، سوين مستحق عورتون روزانو سينٽر تي اچي خالي هٿين واپس مايوس موٽڻ تي مجبور آهن سوين مستحق آيل عورتن مان ڪجهه عورتن کي فقط قطار ۾ ويهاري شام جو واپس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو ويو آهي هڪ عورت کي به رقم نه ملي سگهي آهي، ملڪاڻي شريف بسپ سينٽر تي ويٺل ڊوائيس هولڊر رائيس سروس ڪيش نه هجڻ سميت انيڪ بهانا ڄاڻائي مستحق عورتن کي انتظار ۾ سڄو ڏينهن ويهاري شام جو خالي هٿين واپس روانو ڪري رهيا آهن، ڊوائيس هولڊرن جي چوڻ مطابق ته سينٽر انچارج فرنچائيز وارا اسان کي رائيس سروس ڏيندا ته اسان ڪم هلائينداسين، مستحق عورتون پري پري کان ڀاڙا ڀري روزانو سينٽر تي اچي واپس وڃن ٿيون، عورتن جو چوڻ آهي ته روزانو هڪ هزار کان مٿي خرچ ڪري سينٽر تي اچون ٿا اڄ چوٿون ڏينهن آهي اڃان تائين پيسا ورهاست جو عمل شروع نه ڪيو ويو آهي بسپ سينٽر تي سڄو ڏينهن بکيو اڃيو ويهاري واپس روانو ڪيو وڃي ٿو، اهو سراسر ظلم زيادتي آهي هنن ڊي سي بدين ۽ بسپ انتظاميا کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي .