ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف لڳ ٻن اسڪولن  سائين ڏنو جوڻيجو ۽ محمد شريف گجر اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ استاد  جي کوٽ مفت تعليم جي دعوائن واري اعلانن  تعليم  کاتي جي پت وائکي ڪري ڇڏي  جي ٽي سئو شاگردن لاءِ هڪ استاد هجڻ ۽ فرنيچر نه هجڻ درسي مفت ڪتاب نه ملڻ سبب شاگرد مشڪلاتن کي منهن ڏئي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ۽ پرائمري اسڪول محمد شريف گجر اسڪول جا در دريون فرنيچر نه هجڻ ڪري پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ لڳا آهن، بوائز اليمنٽري اسڪول سائين ڏنو جوڻيجو  ۽ محمد شريف گجر جي شاگردن ۽ والدين اسڪول جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري استاد ۽ فرنيچر ڏيڻ جي گهر ڪندي نعريبازي ڪئي، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن حامد، نورمحمد، فرحاد، محبت، اسد، حاجي جوڻيجو، ڀورو، بچل، ياسين گجر، زاهد گجر  ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار مفت تعليم جون دعوائون ڪندي پڙهندي سنڌ ته وڌنڌي سنڌ جا وڏا اعلان ڪري ٿي پر عملي طور اسڪولن جي سهوليتن مسئلن استادن جي کوٽ تي ڪوبه ڌيان نٿي ڏئي، اسان جي اسڪول ۾ ٽي سئو شاگرد آهن جنهن ٽي سئو شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ تعليم کاتي بدين هڪ استاد مقرر ڪيو ويو آهي، ٽي سئو شاگردن جي ويهڻ لاءِ به اسڪول ۾ فرنيچر ناهي، جنهن ڪري شاگرد پنهنجي گهران پٽ تي وڇائڻ لاءِ تڏا کڻي اچي پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور آهن، ٽي سئو شاگردن کي پڙهائڻ لاء هڪ استاد به پڙهائڻ لاء پريشان ۽ لاچار بڻيل آهي ڳوٺاڻن تعليم کاتي بدين جي وسوارن کي پرزور اپيل ڪئي ته سائين ڏنو جوڻيجو محمد شريف گجر جي اسڪول ۾ فرنيچر ڏئي ماسترن جي کوٽ ختم ڪري مسٿقبل جي معمار ٻارن شاگردن جون مشڪلاتون ختم ڪري مسعقبل ۽ تعليم تباه ٿيڻ کان بچائي وڃي.