ملڪاڻي شريف (ن پ ا)ملڪاڻي شريف لڳ پنجن سالن جي نينگري جون ٽنگون ڦري ويون بستري تي بناعلاج پيل آهي پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڳوٺ نظر علي چانڊيو يوسي خيرپورگنبوه جي رهواسي علي شير چانڊيو جي پنجن سالن جي نينگري عريشا کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويوآهي ان سلسلي ۾ ٻارڙي جي پيء علي شير جو چوڻ آهي ته منهنجي ننڍڙي ڇوڪري عريشا جون ڄنگهون ڦري ويون آهن گهمي ڦري نٿي سگهي نياڻي کي ويجهي شهر ملڪاڻي شھر جي اسپتال کڻي ويو هيس جتان ڊاڪٽرن مون کي چيو ته تنهنجي ننڍڙي کي پوليو آهي، ڊاڪٽر پوليو وارن سان رابطو ڪيو جھڏو جي وڏن سينئر ڊاڪٽرن به ٻارڙن ۾ پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، پر هن وقت تائين سرڪاري طور پوليو جي ٽيم اسان وٽ نه پهتي آهي اسان انتهائي غريب آهيون اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جو ٻارڙي جو علاج ڪرائي سگهون هن صحت جي وزير ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته مان غريب پورهيت آهيان ۽ مونکي پنهنجي ٻارڙي جو علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، ان ڪري منهنجي معصوم ٻارڙي جون ٽيسٽون ڪرايون وڃن ۽ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.