ملڪاني شريف (ن پ ا) انجنئير نصير ڊويزن فرحان وڳڻ پاڻي پوڇڙ تائين نه پهچڻ  جي آبادگارن شڪايتن تي  صورتحال ڏسڻ لاءِ مختلف شاخن جي ٽيل پوڇڙن جو دورو ڪيو، انجنئير فرحان وڳڻ جرڪس شاخ جي پوڇڙ جي آخري واٽر تي پهتو، ان موقعي تي انجئير نصير فرحان وڳڻ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته پاڻي چوري جي شڪايتن کانپوءِ مون اڳوڻو داروغو  بدلي ڪري ڇڏيو آهي، نئون داروغو مير ابراهيم ٽالپر کي سختي سان هدايتون ڌئي مقرر ڪيو آهي، جنهن پهچڻ شرط پاڻي چوري کي روڪڻ ۽ ڏنل خاص واٽرن کي رعايتون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، چار واٽرڪورس جيڪي غيرقانوني ٽٽل هئا انهن کي لٽي ڇڏيو آهي، جلد انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي مٿي منڍ جي واٽرن ۾ سڀ رعايتون ختم ڪري پوڇڙ تائين  پهچايو ويو آهي، ڪنهن به باثر کي بخش نه ڪيو ويندو ان موقعي تي آبپاشي ايس ڊي او غلام عباس عمراڻي سب انجئير فراز سهتو، داروغو مير ابراهيم، حاجي چانڊيو ۽ ٻيو ايريگيشن اسٽاف گڏ هو.