اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ڏوهه ڪنهن به ڪيو هجي ته سزا ٿيڻ گهرجي، ٽرائل هِتي ٿئي يا هُتي ڪهڙو فرق ٿو پوي. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل جي فيصلي خلاف داخل اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ڪئي. سول سوسائٽيءَ جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو متبادل موجود آهي ۽ آمريڪا ۾ روايت آهي ته دليل جي آخر ۾ ٻنهي ڌرين کي پرپوز ججمينٽ جو حق ڏنو ويندو آهي. جسٽس محمد علي مظهر پڇا ڪئي ته فوجي عدالتن مان ڪيترا ماڻهو آزاد ٿي چڪا آهن.؟ جنهن تي وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته 105 ماڻهن مان 20 آزاد ٿيا، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 20 پهريان آزاد ٿيا ۽ بعد ۾ 19 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته هن وقت 66 جوابدار جيلن ۾ موجود آهن. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ڏوهه ڪنهن به ڪيو هجي سزا ٿيڻ گهرجي. وڪيل فيصل صديقي چيو ٽرائل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هڪ طرف آزاد عدليه آهي ۽ ٻئي طرف فوجي عدالتون آهن. جِتي پاڪستان جي دفاع کي خطرو هجي اُتي سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو. پر 9 مئي جي واقعن ۾ ڪيسز صرف ڀڃ ڊاهه جو آهي. وڪيل فيصل صديقيءَ جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد درخواستگذار بشرا قمر جي وڪيل عابد زبيري پنهنجي دلين جي شروعات چيو ته اٽارني جنرل پاران اپيل جو حق ڏيڻ جي قانونسازي بابت ٻڌايو ويو هو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اٽارني جنرل اهڙي انڊر ٽيڪنگ ڏئي سگهي ٿو جيڪو قانون ۾ نه هجي. وڪيل عابد زبيري چيو ته اٽارني جنرل حڪومت پاران ئي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اربع ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.