اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو. آئيني بينچ جي سربراهي جسٽس امين الدين خان چيو ته هلندڙ هفتي ئي فيصلو ٻڌايو ويندو. ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل ٻڌايو ته 9 مئي تي 3 بجي کان شام تائين 39 هنڌن تي حملا ٿيا. هن چيو ته ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي هئي، پر ان جي جماعت اهڙو ردعمل سامهون نه ڏنو هيو، جهڙو 9 مئي تي ڏٺو ويو. اٽارني جنرل موجب ايم آر ڊي تحريڪ دوران به سمورين سياسي جماعتن تي پابندي عائد هئي، قيادت گرفتار هئي، اصغر خان ٽي سال کان وڌيڪ نظر بند هيو تڏهن به اهڙو ڪو قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن 9 مئي وارو رد عمل ڪاوڙ، يا احتجاج جي نالي تي به هو، ته به ان جي اجازت نٿِي ڏئي سگهجي، ڇو ته پاڪستان عام ملڪ ناهي، ان کي جغرافيائي طور وڏا خطرا آهن. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته سوال اهو ناهي ته ڏوهه ٿيو يا نه، اسان کي اپيل جي حق تي ڳالهه ڪرڻي آهي. اٽارني جنرل دليل ڏنا ته جناح هائوس حملي بعد فوج اندروني ڪارروائي ڪندي ٽن سينئر آفيسرن کي بغير پينشن رٽائر ڪيو، جڏهن ته 14 آفيسرن جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. جسٽس مندوخيل پڇيو ته ڇا ڪنهن خلاف فوجداري ڪارروائي به ڪئي وئي؟ اٽارني جنرل چيو ته فوجداري ڪاروائي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪو ڏوهه ڪيو وڃي ها، هِتي صرف واقعو نه روڪڻ تي محڪماڻي ڪاروائي ڪئي وئي. جسٽس مندوخيل آرمي ايڪٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اِن ۾ واضع آهي ته محڪماڻي ڪارروائي سان گڏ فوجداري سزا به ٿي سگهي ٿي. جسٽس اظهر رضوي چيو ته ڀٽو جي ڦاسي وقت ماڻهو گرفتاري ڏيندا هئا، پر ڪنهن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان نه پهچايو. جسٽس مسرت هلالي پڇيو ته جناح هائوس جي گيٽ مٿان ماڻهو چڙهيا هئا يا گيٽ اندران ڪنهن کوليو هيو؟ جيڪڏهن اندران کوليو ويو آهي ته ملي ڀڳت جو ڏوهه ٺهي ٿو. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته پڇي ٻڌائيندس. جسٽس نعيم اختر افغان اٽارني جنرل کي تنبيهه ڪئي ته توهان غلط رخ ۾ هلي رهيا آهيو، ڇو ته 9 مئي جي واقعن تي ڳالهائڻ تي زيرِالتوا ڪيسن تي اثر پوي ٿو. ڪيترن سوالن جا جواب اٽارني جنرل لاءِ ڏيڻ مشڪل ٿي سگهن ٿا. هن پڇيو ته بغير پينشن رٽائر ٿيل جنرل، ڇا لاهور جو ڪور ڪمانڊر هو؟ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل مڪمل ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ان حوالي سان پارليامينٽ کي قانون سازيءَ جي هدايت ڏئي سگهي ٿي. جيئن اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا جي مدت ملازمت ۾ واڌ واري ڪيس ۾ ٿيو هو. اٽارني جنرل ٻڌايو ته هن وقت تائين 86 جوابدار فوجي عدالتن جي فيصلني جي خلاف پايلون داخل ڪري چڪا اهن باقي ماڻهو به اپيل داخل ڪري سگهن ٿا. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته هن فيصلي ۾ ته پارليامينٽ کي باقائده هدايت جاري ڪئي هئي هئي پارليامينٽ کي قانونسازيءَ لاءِ ڇهه مهينن جو وقت ڏنو ويو هو. ٻڌڻي جي پڄاڻي تي حفيظ الله نيازي روسٽرم تي اچي چيو ته 2014 واري ڌرڻي دوران وزيراعظم هائوس، پارليامينٽ ۽ ريڊيو اسٽيشن تي حملا ٿيا، پر ڪيس عام عدالتن ۾ هلايا ويا. منهنجي پٽ کي 9، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ انڊين ميڊيا خبرون هلائي رهيو آهي ته ٻه ڪيس لاڪ ڪيل آهن ۽ منهنجو پٽ به انهي هنڌ قيد آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اهڙو ڪجهه ناهي بي فڪر رهو. اسان جو دفاع مضبوط آهي.