ملٽري معاملن کي وسعت ڏني پئي وڃي، 9مئي تي هجوم ڪور ڪمانڊر هائوس ڪيئن پهتو؟ ڪنهن فوجي آفيسر جو ٽرائل ٿيو؟ سپريم ڪورٽ

0
25
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو ؟ سپريم ڪورٽ
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو ؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل تي سوال اُٿاري ڇڏيا. جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث هجڻ تي ٽرائل ٿيو؟ 9 مئي تي ڪئين ماڻهو بغير هٿيارن جي ڪور ڪمانڊر هائوس پهچي ويا؟ ماڻهن جو ڪور ڪمانڊ هائوس جي اندر وڃڻ سيڪيورٽيءَ جي ناڪامي آهي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ملٽري معاملن کي گهڻي وسعت ڏني پئي وڃي. فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل متعلق اهم ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ سوال اُٿاري ڇڏيا. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اوهان جو سمورو انحصار ايف بي علي ڪيس تي آهي. ايف بي علي ڪيس ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسر ٻئي ملوث هئا. موجوده ڪيس ۾ ڪنهن تي فوج کي ڪم کان روڪڻ لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام آهي؟ وزارت دفاع جي وڪيل جوابي دليل ۾ چيو ته فوج جو ڊسيپلين جيڪو به خراب ڪندو اهو فوجي عدالتن ۾ ويندو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ جو دائره جيترو اوهان وسيع ڪري رهيا آهيو ان ۾ ته ڪو به اچي سگهي ٿو. ايف بي علي تي الزام اداري جي اندر ڪجهه ماڻهن سان ملي ڀڳت جو هيو. اداري جي اندران ڪنهن جي شراڪت ثابت هجڻ لازمي آهي. ادارا ماڻهن تي ئي مشتمل هوندا آهن. اندر جي آفيسر سان تعلق جو ٻڌايو. جنهن تي خواجه حارث چيو ته جيڪڏهن مان ڪنهن دفاع جي اداري مان وڃي بندوق چوري ڪريان ته اُن جو ٽرائل به اُتي ٿيندو. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته آخر ڪو ماسٽر مائينڊ به هوندو. سازش ڪنهن ڪئي. ڇا 9 مئي جي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث هجڻ تي ٽرائل ٿيو. 9 مئي تي ڪيئن ماڻهو بغير هٿيارن جي ڪور ڪمانڊر هائوس پهچي ويا.؟ ماڻهن کي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ داخل ٿيڻ ڏيڻ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي. خواجه حارث جواب ڏنو ته مظاهرين تي الزام ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو آهي. جڏهن ته 9 مئي جي واقعي ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جو ٽرائل ناهي ٿيو. جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته ذهن ۾ رکو ته ايف بي علي ڪيس سول مارشل لا جي دور جو آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو، کيس هٽائڻ جي ڪوشش ۾ ايف بي علي ڪيس ٺهيو هو، مارشل لا ان وقت ختم ٿيو جڏهن آئين ٺهيو، خواجه حارث جواب ڏنو ته ڳالهه صحيح آهي پر عدالتي فيصلي ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جو ذڪر موجود ناهي،جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڏوهه جي ارتڪاب ۾ ڪنهن جي تعلق جو هجڻ يا نه هجڻ ثابت ڪرڻ لازمي هوندو آهي. خواجه حارث دليل ڏنا ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن دفاعي اداري مام بندوق چورائي ته اُن جو ٽرائل به ان ئي اداري ۾ ٿيندو. ان تي جسٽس جمال مندوخيل سوال اُٿاريو ته بندوق چوري ۾ اندر جو تعلق ڪيئن ٿابت ڪيو ويندو؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته جنهن بندوق سان سياسي جنگ وڙهڻي هئي ان کي چوري ڪرڻ سپاهي کي ڪم کان روڪڻ جي برابر آهي. جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته پوءِ بندوق چوري جي ايف آءِ آر ڪٿي داخل ٿيندي؟ جسٽس مسرت هلالي 9 مئي جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪيترائي ماڻهو صرف هلندا رهن پيا ۽ انهن کي معلوم نه هيو ته هو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. خواجه حارث چيو ته انهن سمورن ماڻهن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته انهن جوابدارن جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪندس. ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي. خواجه حارث اڄ به دليل جاري رکندو.