اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل مڪمل ڪري ورتا. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته 1973 جي آئين ۾ ڪافي شيون گذريل آئين ۾ جيئن جو تيئن آيون، مارشلا دورن ۾ 1973 جي آئين ۾ ڪافي ترميمون ٿيون پر بعد ۾ آئيني ترميمن جي ذريعي 1973 جي آئين کي اصل شڪل ۾ آندو ويو پر ان ۾ به آرمي ايڪٽ متعلق شين سان هٿ چراند ناهي ڪئي وئي، آرمي ايڪٽ ۾ جيڪڏهن سويلنز کي آڻڻو هجي ها ته ان ۾ الڳ لکيو وڃي ها، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اپيل جو حق ڏنو ويو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ڏنو ويو آهي ته ڪهڙي فورم تي ڏنو ويو آهي ؟. جسٽس جمال مندوخيل وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اغوا، دهشتگردي جي مقصد سان ٿئي ته ٽرائل دهشتگردي ايڪٽ تحت ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڀنگ جي لاءِ هجي ته پي پي سي تحت هلندو آهي. جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ميمبر رليٽيڊ ٽو آرمڊ فورسز جو ڇا مطلب آهي؟ جسٽس مسرت هلالي چيو ته واضع ڪيو ويو ته معاملو ميمبرز آرمڊ فورسز متعلق آهي ته وڌيڪ وضاحت جي ضرورت ناهي. هن چيو ته 8/3 ۾ ڳالهه صرف فورسز جي ميمبر کي ڊسيپلين ۾ رکڻ جي آهي. ڇا سويلين ان زمري ۾ اچن ٿا؟ جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو سويلين آرمي انسٽاليشنز تي حملو ڪري ٿو ته ان جو قلم 8/3 جو ڪهڙو تعلق آهي؟ ملٽري ملڪيتن تي حملا سيڪيورٽيءَ جي ناڪامي هئا. 9 مئي جي واقعن تي سويلين جي خلاف ملٽري ٽرائل شروع ڪيو ويو ته ادارن پنهنجي ماڻهن جي ناڪاميءَ جو ڪهڙو احتساب ڪيو آهي؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته ملٽري جو قانون آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي پر اسان جو 1973 وارو آئين تمام گهڻو مضبوط آهي. جسٽس مسرت هلالي اهو به چيو ته سيڪشن 2 ون ڊي ون 1967 ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ هي 1962 جي آئين جي هيٺيان ٺاهيو ويو هو. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث جواب الجواب ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪري وتا. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 28 اپريل تي ٿيندي. جنهن ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالتي سوالن جا جواب ڏيندو.