ملير ۾ ڳوٺن ۽ زمين تي قبضن خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

0
13

ملير (رپورٽر) ملير ۾ ڳوٺن ۽ زمين تي قبضن خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي آھي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي راجا رزاق ۽ عزيز دائود خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پ پ ايم پي اي قبرستان جو بهانو بڻائي ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪري رهيو آهي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جواب طلب ڪيو ويو آھي.