ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي وڌيڪ ڪاٻاڙين ۽ اسڪريپ جي دڪاندارن پوليس پاران چوري جون گاڏيون ۽ پرزا خريد ڪرڻ جو الزام مڙهي ڪاروبار بند ڪرائڻ خلاف  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ وڌيڪ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ڪاٻاڙي محمد وقاص، مجيد محمد، موسيٰ خان ۽ محمد ذيشان پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس  چورايل گاڏين جي  پرزن جي آڙ ۾  هراسان ڪري رهي آهي، هنن چيو ته دڪان بند ڪرڻ جو ٽائيم مقرر ڪرڻ پوليس جو ڪم ناهي، انهي لاءِ ٻيا ادارا موجود آهن، پوليس هڪجهڙا نوٽيس ڇپائي دڪاندارن ۾ ورهايا آهن، هنن چيو ته پوليس کاتو ڪاٻاڙين جا دڪان بند ڪرائڻ بدران سڄي شهر ۾ صحيح نموني  ڊيوٽي سرانجام ڏئي ته جيئن گاڏيون چوري نه ٿين، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 مئي تائين جواب طلبي ورتو. هوڏانهن آءِ جي پوليس ملير ۾ ڪاٻاڙين کي گرفتاري ڪري  لکين رپيا رشوت وٺي آزاد ڪرڻ تان ايس پي انويسٽيگيشن ملير لبنيٰ ٽوانا کي هٽائي اسسٽنٽ ڊي آءِ جي ايڊمن ٽريفڪ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ايس ايس پي( اي وي سي سي) ظفر صديق کي ايس پي انويسٽيگيشن ملير مقرر ڪيو ويو.