ملير(رپورٽر) شاهه لطيف ٽائون جي رهواسين پاران ڀتا مافيا ۽ قبضا خورن خلاف شاهه لطيف ٽائون کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، مظاهرين پاران ڀتا مافيا خلاف نعريبازي, ڀتاخورن ۽ قبضا مافيا شاهه لطيف ٽائون ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي اسان کي پنهنجي ذاتي پلاٽن تي ڪم ڪرڻ ن ٿو ڏنو وڃي اهڙو اظھار شاهه لطيف ٽائون جي رهواسين عبدالله، مشتاق، ظفر آرائين، حفيظ عارفاڻي، سليم سواتي، حسين راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي هيٺ علائقي واسين پنهنجي فيمليز سان گڏ مظاهري بعد صحافين آڏو دانهيندي ڪيو هنن چيو ته شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 30 بي ۾ اسان جا ذاتي پلاٽ آهن، جن تي اڏاوت لاءِ علائقي جا بااثر قبضا مافيا في پلاٽ تي 4 کان پنج لک رپيا ڀتو گهري رهيا آهن، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ پلاٽ تي ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو علائقي جي پوليس بااثر ڀتامافيا سان مليل آهي. اسين سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊي جي ايم ڊي اي، ڊي آءِ جي ايسٽ، ڊي سي ملير، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪيون ٿا ته ڀتا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ گهرن جي اڏاوت ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ بااثر ڀتا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.